اليڪشن ڪميشن جي يو آءِ ف کي انٽرا پارٽي چونڊون ڪرائڻ لاءِ 60 ڏينهن جي مهلت ڏئي ڇڏي

0
42
سپريم ڪورٽ کي ڪهڙو جواب ڏجي؟ اليڪشن ڪميشن جو قانوني ماهرن سان مشاورت جو فيصلو
سپريم ڪورٽ کي ڪهڙو جواب ڏجي؟ اليڪشن ڪميشن جو قانوني ماهرن سان مشاورت جو فيصلو

اليڪشن ڪميشن جي يو آءِ ف کي انٽرا پارٽي چونڊون ڪرائڻ لاءِ 60 ڏينهن جي مهلت ڏئي ڇڏي

چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي هلائي، جي يو آءِ ف پاران جونيئر وڪيل پيش ٿي چيو ته جولاءِ کان انٽرا پارٽي چونڊن جو سلسلو مرحليوار شروع ٿي چڪو آهي

وڌيڪ 60 ڏينهن جي مهلت ڏني وڃي، چيف اليڪشن ڪمشنر رمارڪس ۾ چيو ته 60 ڏينهن ته گهڻا آهن، جي يو آءِ ف جي وڪيل چيو ته آئيني سڌارن جي معاملي سبب مصروفيتون آهن

چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا چيو ته آئيني سڌارن جو انٽرا پارٽي چونڊن سان ڪو به تعلق نه آهي، 29 سيپٽمبر تي وفاق ۾ جي يو آءِ ف جي اليڪشن آهي

ان کانپوءِ توهان کي مهلت نه ملندي، بعد ۾ اليڪشن ڪميشن جي يو آءِ ف کي چونڊن لاءِ 60 ڏينهن جي مهلت ڏئي ڇڏي