ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) تعليم کاتي جي اختيارين پاران گريڊ هڪ کان 17 تائين جون ڀرتيون ٿرڊ پارٽي ٽيسٽنگ سروس ۽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي ڪرڻ جون تياريون اسڪول ايجوڪيشن کاتي جي سيڪريٽري پاران 21 ماتحت ادارن،ضلعي توڙي ڊويزنل اختيارين کان خالي جاين جا تفصيل طلب، 16 ۽ 17 گريڊ جي خالي جاين تي ڀرتين لاءِ پبلڪ سروس ڪميشن ۽ 5 کان 15 گريڊ جي ڀرتين لاءِ آءِ بي اي سکر ڏانهن تفصيل اماڻيا ويندا، باقي هڪ کان 4 گريڊ جون ڀرتيون ضلعي سطح تي ڪيون وينديون. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب تعليم کاتي نئين ڀرتين جي حوالي سان تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن، ان ڏس ۾ سمورين ريجنل ۽ ضلعي اختيارين، سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ، آر ايس يو، ڊائريڪٽر جنرل ايڇ آر، چيف انجنيئر ايجوڪيشن ورڪس، ايجوڪيشن پاليسي ڪميشن، سنڌ انفرااسٽرڪچر ڊولپمينٽ سميت کاتي جي ماتحت 21 ادارن جي سربراهن کي خط لکي هدايت ڪئي وئي آهي ته گريڊ هڪ کان 20تائين خالي جاين جا تفصيل بِنا دير اماڻيا وڃن. ڄاڻ موجب گريڊ هڪ کان 4 تائين خالي جاين جا تفصيل اچڻ بعد ضلعي سطح تي ڀرتيون ڪيون وينديون، جڏهن ته گريڊ 5 کان15 تائين ڀرتيون آءِ بي اي سکر ذريعي ڪرايون وينديون،جڏهن ته گريڊ 16 ۽ گريڊ 17 جي خالي جاين تي ڀرتين لاءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي سفارش ڪئي ويندي. جڏهن ته گريڊ 18کان 20 تائين جي خالي جاين جا تفصيل اچڻ بعد تعليم کاتي جي اختيارين پاران ٽيڪنيڪل ۽ نان ٽيڪنيڪل آفيسرن کي سينارٽي تحت مٿين گريڊن ۾ ترقيون ڏئي خالي جايون ڀريون وينديون.
سنڌ جي سمورن سرڪاري کاتن کان خالي جاين جا تفصيل طلب
ڪراچي: سنڌ جي سمورن سرڪاري کاتن کي خالي جاين تي ڀرتين لاءِ ڪم شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب سنڌ حڪومت جي اعليٰ اختيارين پاران سمورن کاتن کي هدايتون ڪيون ويون آهن پر ضلعن ۽ ڊويزنل اختيارين کان خالي جاين جا تفصيل گھرايا وڃن، اهي تفصيل وزيراعليٰ هائوس اماڻيا وڃن ته جيئن انهن جي منظوري ڏئي، ڀرتين وارو عمل جلد شروع ڪيو وڃي.
فوتي ڪوٽا: سنڌ ڪابينا اڄ عدالتي فيصلي تي عمل جي باضابطا منظوري ڏيندي
ڪراچي: فوتي ڪوٽا تحت ڀرتين وارو معاملو، اڄ سنڌ ڪابينا پاران عدالتي فيصلي تي عملدرآمد جي باضابطا منظوري ڏني ويندي. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته فوتي ڪوٽا تحت نوڪرين کي ميرٽ جي لتاڙ قرار ڏيڻ واري عدالتي فيصلي کانپوءِ سنڌ ڪابينا پاران اڄوڪي اجلاس ۾ عدالتي فيصلي تي عملدرآمد جي باضابطه طور تي منظوري ڏني ويندي. واضح رهي ته سنڌ جي مختلف سرڪاري کاتن ۾ فوتي ڪوٽا تحت نوڪرين لاءِ اپلائي ڪندڙ 10 هزار کان وڌيڪ اميدوارن جون درخواستون پينڊنگ پيل آهن.