ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته ملڪ ۾ معاشي بهتري لاءِ گهڻ رخا قدم کنيا پيا وڃن، هلندڙ مالي سال جي 4 مهينن ۾ ٽيڪس هدف جي حوالي سان ڪافي شيون بهتر ٿيون آهن
ڪالهه هتي هڪ سمٽ کي خطاب ڪندي هن چيو ته هن وقت ڪراچي ۾ انٽر بينڪ آفر ريٽ 13 سيڪڙو تائين اچي ويو آهي، فوڊ انفليشن (کاڌ خوراڪ جي شين جي اگهن )۾ به گهٽتائي آئي آهي. هن چيو ته اسان پرڏيهي مهمانن لاءِ ويزا سهوليت آن لائين ڪري رهيا آهيون، پاڪستان ۾ ٻٽي خساري ۾ بهتري آئي آهي
هن چيو ته ملڪ جو مالياتي خسارو ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ بهتر حالت ۾ آهن، هن چيو ته گذريل مالي سال ۾ جيڪا بهتري آهي، ان کي هن سال به برقرار رکبو، وفاقي وزير چيو ته ملڪي ڪرنسي ۾ به استحڪام آيو آهي، پرڏيھي مٽا سٽا جي ذخيرن ۾ بھتري ۽ مهانگائي ۾ گھٽتائي ٿي آھي
ھن چيو ته پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ ۾ بھتري آئي آھي، ھلندڙ سال وڌيڪ بھتري جو امڪان آھي، بينڪون ھاڻي خانگي شعبي کي گهٽ وياج تي قرض فراھم ڪري سگھن ٿيون، هن چيو ته جتي به ڪو مسئلو يا رڪاوٽ ھوندي آھي اتي سخت فيصلا ڪرڻا پون ٿا
ھن وڌيڪ چيو ته اقتصادي رابطا ڪاميٽي مرغي جي گوشت ۽ دالين جي قيمتن جو جائزو ورتو آھي، ڇاڪاڻ ته عالمي منڊي ۾ به لاٿ آئي آھي، ھن چيو ته پينشن معاملن ۾ سڌارا آڻڻ جي ضرورت آھي، اسان جو ماضي شاندار ناھي رھيو
وفاقي وزير چيو ته ٽيڪنالاجي جو ڪردار حڪومت لاءِ اھم آھي ڇاڪاڻ ته ٽيڪنالاجي سان شفافيت اچي ٿي، پاڪستاني بزنيس ڪميونٽي، سيڙپڪارن ۽ ٻين ادارن کان اھي پيغام ملي رھيا آھن ته معاشي بھتري لاءِ ڪم جاري رکيو وڃي
ھن چيو ته اسان کي خانگي شعبي جي ڪاروبار کي وڌائڻ سان گڏ پنھنجي پيداواري صلاحيتن کي به وڌائڻو پوندو. هن چيو ته اسان صحيح رخ ۾ وڃون پيا، ڊگهو سفر اڃا باقي آهي، معاشي سڌارا جاري رهندا، هن چيو ته ٽيڪس آمدني نه وڌي ته پگهاردار طبقي ۽ صنعتن تي ٽيڪس وڌندو، هن چيو ته اسان هلندڙ سال ڪريڊٽ ريٽنگ بي ڪرائڻ چاهيون ٿا