اسلام آباد(بيورو رپورٽ) بچاءَ واري وزير پاران مسلمان ملڪن کان اسرائيل سان سفارتي لاڳاپا ختم ڪرڻ جو مطالبو، قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي خواجه آصف چيو ته مسلمان دُنيا جا جتي به اسرائيل سان لاڳاپا آهن، اُهي ختم ڪيا وڃن، اسرائيل جا هٿ مسلمانن جي رت سان رڱيل آهن، اسرائيل سان هٿ ملائڻ بدران اُن کي جهِڻڪ ڏيڻ گهرجي، اسرائيل رڳو ايران نه پر  سموري مسلمان دنيا جو دشمن آهي، ايوان مان نياپو ڏيڻ گهرون ٿا ته پاڪستان تهران سان گڏ آهي ۽ هر فورم تي ايران جي حمايت جاري رکندو، جيڪڏهن اڄ مسلم دنيا متحد نه ٿي ته سڀني جو وارو ايندو، مسلم ملڪ متحد ٿي اسرائيل جو مقابلو ڪن، خواجه آصف چيو ته اسرائيل ايران تي حملو ڪيو، ايران جي ملٽري ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو ۽ فوجي قيادت کي شهيد ڪيو، سموري صورتحال ۾ اسرائيل اڪيلو نه آهي، ايران اسان جو پاڙيسري ملڪ ۽ تاريخي لاڳاپا آهن، اسان ايراني مفادن جي تحفظ جي حفاظت ڪنداسين، گهڻا مسلم ملڪ ملٽري طور ڪمزور آهن، او آءِ سي جو اجلاس گهرائي اهڙي اسٽريٽجي ٺاهي وڃي،جنهن سان اسرائيل جو مقابلو ڪري سگهجي، اسرائيل مسلم ملڪن کي ڪمزور ڪرڻ چاهي ٿو، يمن، شام تي اسرائيل حملا ڪيا، فلسطين، حملا ڪري رهيو آهي ۽ هاڻي ايران تي اسرائيل حملا ڪري پيو.