ڀرياسٽي (رپورٽ: آفتاب ڪيريو) ڀرياسٽي ڀرسان بيمار نياڻي جو علاج نه ڪرائڻ سبب پورھيت نوجوان ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو
خبر موجب ڳوٺ گل محمد بلر ۾ گڏهه گاڏو ھلائي پورھيو ڪندڙ 33 سالا پرويز لوھاچ گھر ٻاھران وڻ ۾ ڦاھو کائي آپگھات ڪري ڇڏيو، اطلاع تي ڀرياسٽي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش کڻائي ڀرياسٽي اسپتال آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو
پورهيت جي مائٽ اڪرم لوھاچ ٻڌايو ته پرويز لوھاچ گڏھ گاڏو ھلائيندو ھو، سندس 12 سالن جي نياڻي ڪيترن ئي سالن کان بيمار ھئي، غربت سبب علاج نه پئي ڪرائي سگھيو، جنھن سبب پريشان رھندو ھو
سندس امڙ چيو ته علاج نٿو ڪرائين ته بيمار نياڻي کي کي درگاهه سعدي موساڻي تي دعا لاءِ وٺي وڃ پر ھن وٽ ڀاڙي جا پئسا نه هيا، جنهن ڪري گھر ٻاھران بيٺل وڻ ۾ ڦاھو کائي انتهائي قدم کنيو، نوجوان جو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو، پورھيت کي 6 ٻارن جو اولاد آھي.