ريپبليڪن اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ 277 اليڪٽورل ووٽس کڻي هڪ ڀيرو ٻِيهر آمريڪا جو نئون صدر چونڊجي ويو، سندس مقابلي ۾ ڊيموڪريٽ اميدوار ڪملا هيرس 226 اليڪٽورل ووٽس حاصل ڪري سگهي، آمريڪي نشرياتي اداري فاڪس نيوز موجب ڊونلڊ ٽرمپ 277 اليڪٽورل ووٽس کڻي هڪ ڀيرو ٻيهر آمريڪا جو صدر چونڊجي ويو، ڪنهن به اميدوار جي صدر ٿيڻ لاءِ 538 مان 270 اليڪٽورل ووٽس جي ضرورت هئي، صدارتي چونڊن ۾ پاسو بدلائيندڙ 7 رياستن جي نتيجن ٽرمپ جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، پاسو بدلائيندڙ 7 رياستن مان 4 رياستن اتر ڪيرولينا، پينسلوينيا، جارجيا ۽ وسڪونس ۾ ٽرمپ ڳري اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي، آمريڪي ايوان نمائندگان جي هڪ سئو سيٽس مان 51 سيٽس ريپليڪن پارٽي ٻهاري ورتيون، ڊيموڪريٽ پارٽي جون ايوان نمائندگان ۾ 42 سيٽون آهن، ڊونلڊ ٽرمپ جي ڳري اڪثريت سان ڪاميابيءَ تي ريپبليڪن پارٽي ۽ حامين جو جشن