اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت چيو آهي ته آمريڪا سان لاڳاپا اندروني معاملن ۾ مداخلت نه ڪرڻ تي ٻڌل آهن، نئين حڪومت اچڻ سان لاڳاپن تي اثر نه پوندو، ٽرمپ جي فون تي به عمران کي نه ڇڏيو ويندو
تفصيل موجب بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه آصف چيو آهي ته اهو نٿو ٿي سگهي ته ٽرمپ جي ڪال اچي ۽ عمران سندن حوالي ڪري ڇڏيون، ڪجهه ماڻهو چون ٿا آمريڪا مان ڪال اچڻ جي دير آهي، پوءِ باني کي سندن حوالي ڪيو ويندو، پاڪستان انڪار جي جرئت نٿو ڪري سگهي
خواجه آصف چيو ته آمريڪا ۾ به اسٽيبلشمينٽ جي حڪومت آهي، اسان کي نٿو لڳي ته ٽرمپ پي ٽي آءِ باني جي آزادي لاءِ چوندو، جيڪي سمجهن ٿا ته پاڪستان انڪار جي جرئت نٿو ڪري سگهي اهي ٻڌي ڇڏن ته نواز شريف کي ڪال سان گڏ 5 ارب ڊالرز جي آڇ به ٿي هئي، پر انڪار ڪيو ۽ ايٽمي ڌماڪو ڪري ڏيکاريو، پرويز مشرف کي ڪال آئي ته ليٽي پيو ۽ جيڪو حڪم مليو، اُن کان وڌيڪ تي به راضي ٿي ويو، هينئر اهڙا بيان ڏيندڙ انڪار تي نواز شريف ۽ هٿيار ڦٽا ڪرڻ تي پرويز مشرف سان گڏ ٿي ويا هئا، هن چيو ته توهان به پنهنجي ادائن کي ڏسو، اسان ڪجهه چونداسين ته شڪايتون ٿينديون
وفاقي وزير چيو ته آمريڪا سان ٻطرفن لاڳاپن تي ڳالهيون ٿينديون ۽ گڏ هلنداسين، پر جتي ضرورت پوندي اُتي اختلاف به ڪيو ويندو
هوڏانهن پاڪستان جي پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهريٰ بلوچ جو هفتيوار پريس بريفنگ دوران چيو ته آمريڪا ۾ نئين حڪومت اچڻ سان پاڪ آمريڪا لاڳاپن تي ڪو به اثر نه پوندو، پاڪستان ۽ آمريڪا جا لاڳاپا وڌيڪ بهتر ٿيندا، پاڪستان ۽ آمريڪا۾ لاڳاپا اندروني مداخلت نه ڪرڻ تي ٻڌل آهن
ممتاز زهريٰ بلوچ چيو ته صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف ڊونلڊ ٽرمپ کي صدر چونڊجڻ تي واڌايون ڏنيون، پاڪستان جا آمريڪا سان پراڻا لاڳاپا آهن، ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا اندروني معاملن ۾ مداخلت نه ڪرڻ تي ٻڌل آهن، پاڪستان غزه ۾ فوري طور غزه جنگبندي جو مطالبو ڪيو آهي، غزه ۾ اسرائيلي جارحيت جي مذمت ڪيون ٿا، پاڪستان فلسطين مسئلي جو ٻه رياستي حل جو حامي آهي.