Dispatch from Istanbul (Turkey) … صدارتي چونڊون ۽ ترڪيءَ جي “جديد سلطان” جي پريشاني

0
378
Dispatch from Istanbul (Turkey) ... صدارتي چونڊون ۽ ترڪيءَ جي “جديد سلطان” جي پريشاني

 ترڪي ۾ گذريل هفتي سياست جي دنيا جون اهم ترين چونڊون ٿي گذريون. سموري دنيا خاص طور تي مغربي ۽ عرب ملڪن جون انهن چونڊن تي نگاھون کتل هيون. ترڪي ۾ ٿيل انهن چونڊن بابت مون 2 هفتا اڳ به لکيو هو ته اهي چونڊون ترڪيءَ تي 22 سالن کان حڪومت ڪندڙ جديد سلطان رجب طيب اردگان لاءِ وڏو امتحان هونديون. جڏهن ته ان امتحان جا نتيجا تاريخ ۾ پهريون ڀيرو تمام مختلف ۽ ڇرڪائيندڙ نڪتا آهن.

                 رجب طيب اردگان جيڪو هن صديءَ جو سڀ کان مشهور سياستدان هجڻ سميت ترڪيءَ تي گذريل 22 سالن کان حڪومت ڪري رهيو آهي، کيس پهريون ڀيرو ترڪي جي صدارتي چونڊن ۾ وڏي پريشاني پيش آئي آهي. ياد رهي ته ترڪي ۾ صدارتي نظام به اردگان آندو هو ۽ هتي هر 5 سالن کان پوءِ صدارتي ۽ پارلياماني چونڊون ٿين ٿيون. صدارتي چونڊن جو طريقيڪار اهڙي ريت هوندو آهي ته تمام نامزد اميدوار چونڊن ۾ حصو و‌‌ٺندا آهن، جن کي عوام پنهنجو قيمتي ووٽ ڏيندو آهي. جنهن به اميدوار کي 50 سيڪڙي کان وڌيڪ ووٽ ملندا آهن، اهو ڪامياب قرار ڏنو ويندو آهي. جيڪڏهن ڪو به اميدوار چونڊن ۾ 50 سيڪڙو ووٽ نه کڻي سگھي ته پوءِ نامزد ٿيل اميدوارن مان جنهن به ٻن اميدوارن جا ووٽ سڀ کان وڌ هوندا آهن، انهن ٻنهي اميدوارن جي وچ ۾ چونڊن جو مقابلو ٻن هفتن کان پوءِ ٻيهر ڪرايو ويندو آهي.هن ڀيري ترڪيءَ جي صدارتي چونڊن ۾ اردگان سميت 3 ٻيا به اميدوار شامل هئا، جڏهن ته هڪ اميدوار، جنهن جو نالي محرم انجي آهي، ان چونڊن کان هڪ ڏينهن اڳ پنهنجي نامزدگي تان هٿ کنيو ۽ صدارتي چونڊون ٽن اميدوارن، يعني رجب طيب اردگان، سنان اوهان ۽ ڪمال ڪلچدار اوغلو جي وچ ۾ ٿيون. صدارتي چونڊن لاءِ نامزد ٿيل اميدوار ڪمال ڪلچ کي هتان جي 6 سياسي پارٽين جو ساٿ حاصل آهي ۽ اھو اردگان جو سخت مخالف ۽ ٽڪر جو مقابلو ڏيندڙن مان آهي. 14 مئي تي ٿيل چونڊن ۾ اردگان جي سياسي پارٽي پارلياماني چونڊن ۾ ته سڀ کان وڌيڪ سيٽون حاصل ڪري ورتيون پر اردگان هن ڀيري صدارتي چونڊن ۾ عوام جو وڌ کان وڌ اعتماد حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگھيو. چونڊن جي نتيجي مطابق اردگان 49 سيڪڙو ۽ ڪمال ڪلچ 44 سيڪڙو ووٽ حاصل ڪيا، جڏهن ته سنان اوهان صرف 5 سيڪڙو ووٽ حاصل ڪيا. ياد رهي ته صدارتي چونڊن جي قانون مطابق ان اميدوار کي ڪامياب قرار ڏنو ويندو آهي، جيڪو 50 فيصد يا ان کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪري، پر ترڪي جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اردگان چونڊن ۾ 50 سيڪڙو ووٽ حاصل نه ڪري سگھيو، جنهن سبب صدارتي چونڊون هڪ ڀيرو ٻيهر 28 مئي تي ڪرايون وينديون، جنهن ۾ مقابلو اردگان ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ ڪمال ڪلچ جي وچ ۾ ٿيندو. ڪجھ ڏينهن اڳ 5 سيڪڙو ووٽ حاصل ڪندڙ سنان اوهان پڻ اردگان سان ملاقات ڪري ساڻس هٿ ملايو ۽ 28 مئي تي ٿيندڙ چونڊن ۾ ساٿ ڏيڻ جو واعدو پڻ ڪيو. جنهن بعد لڳي ايئن رهيو آهي ته شايد اردگان 50 سيڪڙو کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪري ٻيهر ترڪيءَ جو صدر ٿي وڃي، پر هتان جو هي سياسي مقابلو ڏاڍو سخت آهي، ان لاءِ نتيجو اچڻ کان اڳ ڪجهہ نه ٿو چئي سگهجي.ٻئي پاسي مغربي ميڊيا 14 مئي کان اڳ ئي اعلان ڪري چڪي هئي ته هاڻي اردگان جي سياست ختم ٿيڻ جو وقت اچي ويو آهي ۽ هن ڀيري کيس شڪست ملندي، جڏهن ته اهڙو ڪجهہ نه ٿيو. 28 مئي تي ٿيندڙ چونڊن بابت پڻ مغربي ميڊيا جي ساڳي راءِ آهي. ان جو سبب اهو آهي ته اردگان ڪڏهن به مغرب ڏانهن لاڙو نه ڏيکاريو ۽ سندس بين الاقوامي پاليسي ۾ پڻ مغرب لاءِ ڪا به گنجائش نه هئي. ان کان علاوه اردگان هميشه مصر، پاڪستان، سعودي عرب ۽ ٻين عرب ملڪن ڏانهن وڌيڪ توجهہ ڏيکاري آهي، جنهن سبب ترڪي ا‌‌ڄ به ڪيترن ئي مسلمانن لاءِ پناه جو ملڪ آهي. اردگان جي اها پاليسي مغربي دنيا سميت ترڪي جي نوجوان نسل کي سخت ناپسند آهي، جنهن سبب هن ڀيري چونڊن ۾ اردگان 50 سيڪڙو ووٽ حاصل نه ڪري سگھيو، جيڪا سندس مقبوليت لاءِ بهتر ڳالهه ثابت نه ٿي آهي. سندس اهڙي قسم جي ناڪامي ۽ ٻيهر چونڊن ۾ وڃڻ تي سياست جي دنيا ۽ ميڊيا مان کيس سخت مخالفت کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.بهرحال ترڪيءَ ۾ ٿيل چونڊون منهنجي نظر ۾ تمام بهترين چونڊون هيون، 14 مئي جو ڏينهن ڄڻ ته هتي عيد جو ڏينهن هو. عوام ووٽ ڏيڻ لاءِ بيحد خوش ۽ پرجوش نظر پئي آيو، هن ڀيري ترڪيءَ جو سڀ کان وڏو ووٽ ٽرن آئوٽ 87 فيصد ٿيو، جنهن ۾ 57 ملين کان وڌيڪ ماڻهن پنهنجا ووٽ ڏنا. ٻئي پاسي فيبروري ۾ آيل زلزلي جي تباه ڪارين باوجود آفت هيٺ آيل شهرن ۾ به عوام وڌ کان وڌ ووٽ ڏئي جمهوري نظام کي هٿي ڏيڻ جا نعرا لڳايا. ياد رهي ته هتي به چونڊون بيلٽ پيپر تي ٿينديون آهن ۽ چونڊن لاءِ اسڪولن کي منتخب ڪيو ويندو آهي. جڏهن ته ان ڏينهن هتي عام موڪل نه هئي ۽ صرف اهي اسڪول 3 ڏهاڙا شاگردن لاءِ بند هئا، جتي پولنگ اسٽيشنون لڳايون ويون هيون. ملڪ جو ٻيو سمورو نظام عام ڏينهن وانگر هلي رهيو هو. سيڪيورٽي انتظام بهتر هجڻ سبب ڪنهن به قسم جو واقعو ميڊيا ۾ رپورٽ نه ٿيو. ڪنهن به قسم جي ڌانڌلي يا وري بدنظمي واري خبر پڻ نظر نه آئي. صدارتي توڙي پارلياماني چونڊن جي نشريات انتهائي نظم و ضبط ۾ ٿي ۽ ڪو به سياستدان ان ڏينهن ميڊيا جي ڪنهن به چئنل تي نه آيو. چونڊن جي خصوصي نشريات ۾ سمورو ڏينهن ماهر، پروفيسر، صحافي ۽ ليکڪ تبصرا ڪندا رهيا، جڏهن ته اهي سمورا تبصرا نهايت ئي سليقي دار هئا، جن ۾ عوام کي حقيقي پسمنظر کان آگاه ڪيو ويو ۽ ملڪي توڙي غير ملڪي عناصرن ۽ مستقبل جي بهتري لاءِ ڳالهايو ويو. حقيقي منظر ۾ ٿيندڙ چونڊن جي نشريات ۾ ڪنهن به ترڪ ميڊيا يا اخبار ڪنهن هڪ نمائندي يا سياسي پارٽي جي حمايت ڪرڻ بجاءِ سراسري نظريو ۽ خبرون هلايون.

رجب طيب اردگان سميت ٻين سياسي اڳواڻن پنهنجين پنهنجين پولنگ اسٽيشنن تي پنهنجي ڪٽنب سميت قطار ۾ بيهي ووٽ ڪاسٽ ڪيا، سيڪيورٽي انتظام کان علاوه ڪو به اڳواڻ ڪنهن به قسم جي پروٽوڪول ۾ نظر نه آيو. اردگان جي سياسي پارٽي جڏهن پارليامينٽ ۾ اڪثريت حاصل ڪئي ته اهو نتيجو ٻڌڻ بعد استنبول، انقرا ۽ قونيا سميت ٻين شهرن ۾ سندس پارٽي جون ريليون نڪتيون ۽ اڌ رات جو سندس پارٽي جي مرڪزي آفيس ۾ وڏي تقريب پڻ منعقد ڪئي وئي. جڏهن ته ان سموري سرگرميءَ دوران نظم و ضبط قائم رهيو، عوام انهن لمحن مان لطف ورتو، نه ڪٿي ڪا فائرنگ ٿي، نه وري افراتفري، نه ئي رستا بند ۽ نہ ٽريفڪ جام ٿي. اهڙي ريت ترڪيءَ ۾ 14 مئي جو چونڊن وارو ڏهاڙو گذري ويو، پر اڄ به نه ئي عوام مڪمل طور آرام ۾ آهي، نه وري سياسي جماعتون، ڇو ته اڃان تائين ترڪيءَ جي صدر جو انتخاب نه ٿيو آهي، جنهن سبب عوام هڪ ڀيرو ٻيهر 28 مئي تي ووٽ ڏيڻ لاءِ نڪرندو ۽ ان ڏينهن يا ته اردگان هڪ ڀيرو ٻيهر ڪامياب ٿيندو يا وري سندس مخالف ڪمال ڪلچ ترڪيءَ جو نئون صدر منتخب ٿي پنهنجا ڪمال ڏيکاريندو.