دادو ۾ گندگي، انتظامي نااهلي سبب گٽر نالا اٿلي پيا، گھٽين ۾ فوٽ گندو پاڻي بيهي ويو

0
24
دادو ۾ گندگي، انتظامي نااهلي سبب گٽر نالا اٿلي پيا، گھٽين ۾ فوٽ گندو پاڻي بيهي ويو
دادو ۾ گندگي، انتظامي نااهلي سبب گٽر نالا اٿلي پيا، گھٽين ۾ فوٽ گندو پاڻي بيهي ويو

دادو ( رپورٽر ) دادو شهر جي جڳت آباد ۽ غريب آباد ۾ ڊرينيج سسٽم بند ٿيڻ سبب گٽر ۽ نالا اٿلڻ ڪري ڊرينيج جو گندو پاڻي روڊن ، رستن ۽ گهٽين ۾ هڪ فوٽ تائين بيهڻ ڪري دوڪاندار توڙي شهري عذاب ۾ اچي ويا آهن ، روڊن ، رستن ۽ گهٽين ۾ پاڻي بيهڻ ڪري شاگردياڻين پڻ مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن ، ايس يو پي اڳواڻ ساجد پنهور ، امتياز عمراڻي ۽ ٻين رهواسين سخت احتجاج ڪندي داهيو آهي ته جڳت آباد ۽ غريب آباد دادو جي قديمي پاڙا آهن ، هڪ سال کان ڊرينيج جو پاڻي روڊن ، رستن ، گهٽين ۾ بيهي وڃي ٿو ، ٻار ٻچا گهرن مان نه ٿا نڪري سگهن ، رهواسي نماز تي وڃن ٿا سندن ڪپڙا خراب ٿي وڃن ٿا ، ميونسپل دادو جي ماهوار 6 ڪروڙ روپين جي قسط اچي ٿي خبر ناهي 6 ڪروڙ روپيا ڪاڏي ٿا وڃن ، هڪ سال ٿي ويو آهي ميونسپل وارن کان چوڪ ٿيل ڊرينيج سسٽم درست نه ٿو ٿئي ، هنن مطالبو ڪيو آهي ته گٽرن ۽ نالن جي صفائي ڪرائي بيٺل گندو پاڻي بيڪال ڪرايو وڃي ، ٻي صورت ۾ ميونسپل آفيس آڏو ڌرڻو هڻنداسين