گهاري ويجهو ڪوهيڙي جا هاڃا شروع: بيٺل ٽرڪ سان 6 گاڏين جو ٽڪر 5 ڄڻا فوت، 11 زخمي

0
28

ٺٽو (رپورٽ : اسماعيل ميمڻ) ٺٽو ڪراچي قومي شاهراھ تي واٽر پارڪ لڳ شديد ڪوهيڙي سبب بيٺل خراب ٽرڪ سان 5 گاڏين جي ٽڪرجي ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 5 فوت ۽ 11 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن . ٺٽو ڪراچي قومي شاهراھ تي گھاري ٿاڻي جي حد ۾ واقع واٽر پارڪ لڳ گاھ سان ڀريل خراب بيٺل ٽرڪ سان شديد ڪوهيڙي ۽ تيز رفتاري سبب ڪڪڙيون ڪراچي کڻي ويندڙ ٻن مزدا پڪ اپ ، هڪ ڪار ۽ سوزوڪي پڪ اپ سميت 6 گاڏين جي ٽڪرجڻ جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا شعيب، رحمان، نديم، گل زمان ۽ معين جيڪي پورهيت ٻڌايا وڃن ٿا فوت ٿي ويا جڏهن ته فيصل ، ڪريم ، عاصم ۽ شاھ بيگ سميت 11 ڄڻا زخمي ٿي پيا زخمين ۾ 4 ڄڻن جي نازڪ حالت ٻڌائي وڃي ٿي جڏهن ته پيش آيل خوفناڪ حادثي جي حوالي سان ڀرپاسي جي مقامي ڳوٺاڻن پاران ڄاڻايو ويو آهي ته صبح ڌاري پيش آيل حادثي جي نتيجي ۾ فوتي ۽ زخمي ڪيترائي ڪلاڪ روڊ تي پيل هيا، فوري ايمبولينس جي سهولت ۽ پوليس جي نه پهچڻ ڪري زخمين کي مختلف گاڏين ۾ ڳڻتي جوڳي حالتن ۾ ڪراچي ، گھارو اسپتال نيو ويو

گهارو پوليس حادثي جو شڪار گاڏيون تحويل ۾ وٺي ڇڏيون

ٺٽو: حادثي جي اطلاع  ملڻ بعد دير سان گھارو پوليس حادثي واري هنڌ پهچي گاڏين کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي جڏهن ته پيش آيل خطرناڪ حادثي سبب وڏي انگ ۾ ڪڪڙين جي مرڻ سان گڏ گاڏين کي پڻ وڏي پئماني تي نقصان رسيو آهي

وڏي وزير پاران فوتين جي وارثن سان ڏک جو اظهار

ٺٽو: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ پاران پڻ ٺٽو ڪراچي قومي شاهراھ تي واٽر پارڪ لڳ پيش آيل خوفناڪ حادثي جي فوتين جي وارثن سان ڏک جو اظهار ڪندي زخمين جي بهتر علاج جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن

ڪوهيڙي سبب هڪ ٻئي پٺيان 6 گاڏيون ٽڪرائجي ويون: ڳوٺاڻا

ٺٽو: مقامي ڳوٺاڻن موجب حادثي جي فوتين ۾ 2 ڄڻا موقعي تي فوت ٿي ويا هڪ کي سول اسپتال ٺٽو موڪليو پي ويو جيڪو رستي ۾ فوت ٿي جڏهن ته ٻن ڄڻن کي نازڪ حالت ۾ خانگي گاڏي ذريعي ڪراچي موڪليو ويو جيڪي پڻ اسپتال پهچڻ کان اڳ رستي ۾ فوت ٿي ويا آهن مقامي ڳوٺاڻن موجب گھڻي ڪوهيڙي هجڻ ۽ رستي جي ڀر ۾ رات کان گاھ سان ڀريل بيٺل خراب ٽرڪ سان ڪڪڙيون ڪراچي ويندڙ تيز رفتار مزدا پڪ اپ جي ٽڪر ۽ ان جي ڪلٽي ٿيڻ بعد پويان کان ايندڙ وڌيڪ گاڏيون ٽڪرائجي ويون جنهن ڪري پيش آيل حادثي ۾ انساني جانين کي نقصان رسيو آهي