وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته وفاق تي ڏينهن رات چڙهائي ڪئي پئي وڃي ۽ ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، ڪي پي جي وڏي وزير جي جلوس ۾ افغان شهري ۽ اهلڪار شامل هئا
وزيراعظم شهباز شريف وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته هنن جا اسلام آباد تي چڙهائي جا مذمت جوڳا ارادا آهن، افراتفري، گوڙ گهمسان ۽ ڌرڻن جي ماحول ۾ پاڪستان ڪير ايندو؟ خارجي ۽ اندروني دشمن هڪ ٿي ويا آهن، 2014 جهڙي سازش ورجائڻ نه ڏينداسين
هن چيو ته 2014 ۾ به اهڙيون حالتون پيدا ڪيون ويون، 2014 ۾ پي ٽي آءِ باني چيني صدر جي دوري جو لحاظ به نه ڪيو، مهانگائي جي شرح 32 سيڪڙو مان گهٽجي 9 ڏهائي 6 سيڪڙو تي پهتي آهي
هن چيو ته پيٽرول جي اگهن ۾ ڇهون ڀيرو لاٿ ڪئي وئي آهي، فائيلرز جو انگ ٻيڻو ٿي ويو آهي، هڪ جٿي کان ملڪ جي ترقي برداشت نه پئي ٿئي