اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ، ديا مير ڀاشا مهمند ڊيمز فنڊ ڪيس جي 9 آڪٽوبر تي ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪمنامو جاري ڪري ڇڏيو
جاري ڪيل حڪمنامي ۾ چيو ويو آهي ته ڊيمز فنڊ ۾ موجود رقم کي وفاقي حڪومت جي پبلڪ اڪائونٽ ۾ منتقل ڪيو وڃي
سپريم ڪورٽ ڊيمز فنڊ لاءِ قائم پنهنجي ئي اڪائونٽ کي بند ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ڊيمز فنڊ جي منتقلي جي لاءِ حڪومت پبلڪ اڪائونٽ جو ذيلي ڪائونٽ کوليو وڃي
ڊيمز جي تعمير لاءِ جڏهن به رقم گهربل هجي ته لاڳاپيل اڪائونٽ جو استعمال ڪيو وڃي. حڪومت اهڙو قدم کڻي جو بينڪن مان ڊيمز فنڊ جي رقم تي مارڪ اپ وٺي سگهجي. سپريم ڪورٽ ڊيمز فنڊ ڪيس ۾ داخل سموريون درخواستون اُڪلائي ڇڏيون