دهل وڄائيندڙ پهرين فيصلو پڙهن پوءِ تنقيد ڪن: پي ٽي آءِ پاران التوا گهرڻ تي چيف جسٽس جي ڪاوڙ

0
25
دهل وڄائيندڙ پهرين فيصلو پڙهن پوءِ تنقيد ڪن: پي ٽي آءِ پاران التوا گهرڻ تي چيف جسٽس جي ڪاوڙ
دهل وڄائيندڙ پهرين فيصلو پڙهن پوءِ تنقيد ڪن: پي ٽي آءِ پاران التوا گهرڻ تي چيف جسٽس جي ڪاوڙ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ تحريڪ انصاف انٽرا پارٽي نظرثاني درخواست تي ٻڌڻي 21 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. حامد خان پاران داخل التويٰ جي درخواست به رد ڪري ڇڏي

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏنا ته انصاف جي گهرجن تحت ڪيس ملتوي ڪري رهيا آهيون، التويٰ گهرڻ دير وارو حربو آهي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ ٽه رڪني خصوصي بينچ تحريڪ انصاف انٽرا پارٽي ڪيس جي فيصلي خلاف نظرثاني درخواست تي ٻڌڻي ڪئي

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏنا ته سپريم ڪورٽ وٽ ته وڊيو لنڪ جي سهولت به موجود آهي. ڇا اليڪشن ٿي وئي آهي يا نه؟ چيف جسٽس التويٰ جي درخواست پڙهڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جا ست وڪيل هئا. پر هڪ به پيش ناهي ٿيو. 13 جنوري جو فيصلو آيو پر نظرثاني درخواست 6 فيبروري تي داخل ٿي. لڳي ٿو پي ٽي آءِ فيصلي تي نظرثاني نٿي چاهي

جسٽس مسرت هلالي رمارڪس ڏنا ته پي ٽي آءِ جا سمورا وڪيل ناهن آيا. ڪو جونيئر وڪيل به پيش ناهي ٿيو. هي طريقو درست ناهي. سپريم ڪورٽ ۾ اهڙو رويو نه هجڻ گهرجي. مان ڪيس ملتوي ڪرڻ سان اتفاق نٿي ڪريان

چيف جسٽس چيو ته دهل وڄائيندڙن انٽرا پارٽي اليڪشن ڪيس کي بيٽ جي نشان وارو ڪيس بڻائي ڇڏيو، دهل وڄائيندڙ پهرين عدالتي فيصلو پڙهن پوءِ تنقيد ڪن

اڄ تائين اهڙي درخواست نه ڏٺي آهي جنهن ۾ فيملي مصروفيتن سبب التويٰ گهري وئي هجي،  ٻڌڻي 21 آڪٽوبر سومر ڏينهن تي ٿيندي ۽ اِن کانپوءِ وڌيڪ ڪا به التوا نه ڏني ويندي