دادو اسپتال لاءِ آيل 14 وينٽيليٽر گم ڪرڻ جو انڪشاف

0
92
دادو اسپتال لاءِ آيل 14 وينٽيليٽر گم ڪرڻ جو انڪشاف
دادو اسپتال لاءِ آيل 14 وينٽيليٽر گم ڪرڻ جو انڪشاف

دادو (رپورٽ: فتاح شيخ) دادو اسپتال لاءِ آيل 30 ڪروڙ رپين جي ماليت جا 14 وينٽيليٽر گم ڪيا ويا آهن ، ڪرونا دوران سال 2019 ۾ صحت کاتي پاران سول اسپتال دادو کي 14 وينٽيليٽر ڏنا هئا ، جنهن ۾ 7 وڏي عمر ۽ 7 ٻارن جا وينٽيليٽر شامل هئا

سول اسپتال انتظاميا پاران اهي وينٽيليٽر استعمال نه ڪيا ويا ، ان وقت اهو ظاهر ڪيو پئي ويو ته سول اسپتال ۾ اهڙي عمارت موجود ناهي، جنهن ۾ آءِ سي يو وارڊ قائم ڪري وينٽيليٽر استعمال ڪيا وڃن، تازو 6 مهينا اڳ جڏهن سول اسپتال دادو جا ايمرجنسي، گائني، ٻارن جا وارڊ توڙي مشينري 800 بيڊن واري ڊي ايچ ڪيو اسپتال منتقل ڪيا ويا ته اهي وينٽيليٽر موجود نه هئا، نه ئي ظاهر ڪيا ويا

ڊي ايچ ڪيو اسپتال جي هٽايل ايڊمنسٽريٽر رٽائرڊ ڪرنل فتح محمد ٽالپر سوشل ميڊيا تي رکيل وڊيو ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته جڏهن سول اسپتال جا وارڊ ۽ مشينري ڊي ايچ ڪيو منتقل ڪئي پئي وئي ته اهي وينٽيليٽر پڻ مزدا گاڏي ۾ لوڊ ڪيا پئي ويا ته هن موجود 15کان 20 ذميوار ماڻهن کان پڇيو ته هي وينٽيليٽر ڪاڏي پيا موڪليو، جن ٻڌايو ته هي لمس ڄامشورو انٽري ۽ ويريفڪيشن لاءِ موڪليا پيا وڃن، لمس ڄامشورو پهچڻ کانپوءِ اهي وينٽيليٽر واپس نه ٿيا

هن وي سي لمس اڪرام الله کي ليٽر به لکيو ته دادو اسپتال جا 14 وينٽيليٽر واپس موڪليو ته جيئن ڊي ايچ ڪيو اسپتال ۾ آءِ سي يو وارڊ قائم ڪري سگهجي پر الائي ڇو اهي واپس نه ڪيا ويا آهن