نئون ديرو (رپورٽ: نور محمد سومرو) نئون ديرو لڳ موريا فقير آگاڻي لنڪ روڊ تان 8 هٿياربندن هٿان نوجوان اغوا بعد قتل، زيتونن جي باغ مان لاش هٿ، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو پراڻي دشمني تان پيش آيو، جاچ ڪئي پئي وڃي، خبر موجب نئون ديرو لڳ موريا فقير آگاڻي لنڪ روڊ تان 8 کان وڌيڪ هٿياربندن هٿان اغوا ٿيل نوجوان عبدالغفور آگاڻي جو ڳوٺ وڏا آگاڻي ڀرسان زيتونن جي باغ مان گوليون لڳل لاش هٿ ڪيو ويو، مقتول نوجوان بابت ٻڌايو پيو وڃي ته گذريل رات دير سان موٽر سائيڪل تي ڳوٺ واپس اچي رهيو هو ته رستي مان هٿياربندن کيس اغوا ڪري گوليون هڻي بيدرديءَ سان قتل ڪري ڇڏيو، ان ڏس ۾ ڳوٺ جي چڱي مڙس دادن آگاڻي ٻڌايو ته عبدالغفور آگاڻي، احسان آگاڻي ۽ عبدالحليم آگاڻي موٽر سائيڪل تي لاڙڪاڻي کان واپس ڳوٺ ڏاتر ڏنو آگاڻي اچي رهيا هئا ته 8 کان وڌيڪ هٿياربندن کين موريا فقير آگاڻي لنڪ روڊ تان سندن موٽر سائيڪل جو اڳ جهليو، جنهن دوران احسان آگاڻي ۽ عبدالحليم آگاڻي پنهنجا سر بچائي ڀڄي نڪتا، جڏهن ته هٿياربند عبدالغفور آگاڻي کي يرغمال بڻائي موٽر سائيڪل سميت اغوا ڪري ويا. هن ٻڌايو ته نوجوان جي اغوا جو اطلاع نئون ديرو ٿاڻي جي پوليس کي ڏنو، جنهن بعد ٻه اهلڪار واقعي واري هنڌ پهتا، جتان هنن وارثن سان گڏجي هٿياربندن جو پيرو کنيو، پيرو کڻندڙ سنڌو درياءَ جي ڪپر تي پهتا ته نوجوان جي وارثن کي جوابدار ڌر فون ڪري اطلاع ڪيو ته توهان جي نوجوان کي گوليون هڻي سامٽيا روڊ ڀرسان زيتونن جي باغ ۾ لاش اڇلايو آهي، جنهن بعد وارثن ۽ پوليس لاش هٿ ڪري ورتو. ان ڏس ۾ ايس ايڇ او نئون ديرو چيو ته آگاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻو تڪرار هلندڙ آهي.