سکر (رپورٽ: ممتاز بخاري) سنڌ هاءِ ڪورٽ اوقاف ۽ ثقافت کاتن جي حوالي سان اهم تفيصلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي. جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس امجد علي سهتي پاران جاري ڪيل فيصلي موجب درگاهن ٻاهران جتين جا ٺيڪا ختم ڪرڻ، اوقاف کاتي جي ملڪيتن کي ريڪارڊ ۾ آڻڻ ۽ اهم تحيقيقي اڪيڊميون کولڻ جا حڪم ڏنا ويا آهن
فيصلي موجب اوقاف کاتي اها ڳالهه ريڪارڊ تي آندي آهي ته درگاهن ۽ مزارن لاءِ ٻاهر جتين رکڻ جا ٺيڪا جاري ڪري ٿي. پر اها ڳالهه ڪنهن به قانون ۾ ناهي. شاهه لطيف، سچل سرمست، عبدالرحيم گرهوڙي، بيدل ۽ ٻيا صوفي ۽ شاعر آهن. جتي سان وڃڻ يا نه وڃڻ جو ڪهڙو سوال آهي. جڏهن ته مولانا رومي به صوفي ۽ شاعر آهي اتي جتي سميت وڃي سگهجي ٿو. شاهه عنايت شهيد هڪ انقلابي هو، هو جاگيرداري خلاف، جو کيڙي سو کائي، نعري تحت وڙهيو
سنڌ ۾ پنجاهه سينٽي گريڊ گرمي ۾ به جتيون لهرايون وڃن ٿيون. ماڻهن جا اونهاري ۾ پير سڙن ٿا. ۽ سياري ۾ ٿڌ لڳي ٿي. ان سان پوئلڳن ۽ گهمڻ لاءِ ايندڙن سان مسئلا ٿين ٿا. بوٽ ٻاهر رکڻ جي پاليسي رڳو مسجدن ۽ ٻين مذهبي جاين تائين رکي وڃي. جڏهن ته ثقافتي ۽ ادبي جاين تي ختم ڪئي وڃي. سنڌ جي درگاهن تي جتين لاهڻ وارو معاملو رضاڪاراڻو يا ثقافتي روايتن تحت هجڻ گهرجي، اهو جبري نه هجڻ گهرجي. ڇو ته اهو صوفياڻي روح جي خلاف آهي. ان ڪري درگاهن تي جوتن رکڻ وارا ٺيڪا بند ڪري اهي جايون خالي ڪرايون وڃن، فيصلي موجب اڳ ئي درگاهن کي ڳچ ايراضي آهي ۽ سالياني سٺي سرڪاري بجيٽ به ڏني ويندي آهي. اوقاف کاتو پاليسي تيار ڪري مسجدن ۽ ٻين مذهبي جاين ٻاهران جتيون لاهڻ واري عمل کانسواءِ، ٻين هنڌن جي پاليسي جوڙي
ڪورٽ پاران اوقاف کاتي کي اڳ ۾ ڏنل حڪمن بابت درگاهه بيدل ۽ بيڪس روهڙي، درگاهه صوفي شاهه عنايت جهوڪ شريف ۽ شاهه ولي الله اڪيڊمي جامع مسجد حيدرآباد تي تحقيقي اڪيڊميون کولڻ جي پروگريس رپورٽ پيش ڪرڻ جا پڻ حڪم ڏئي ڇڏيا
چيف ايڊمنسٽريٽر اوقاف جي رپورٽ مان اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته کاتي جي اڪثر زمين روينيو ريڪارڊ آف رائيٽس ۾ موجود ئي ناهي. ان ڪري لاڳاپيل ضلعن جي ڊي سيز وسيلي فوري طور اهو ريڪارڊ شامل ڪرايو وڃي ۽ اها رپورٽ جمع ڪرائي وڃي. اها ڳالهه پڻ سامهون آئي آهي ته اوقاف کاتي جي ملڪيتن جي نيلامي به درست انداز نه پئي ٿئي ۽ ملڪيت جي درست ڪٿ به ناهي ڪرائي ويندي ان ڪري سموري ڪمرشل يا زرعي ملڪيتن جي ڪٿ ٿرڊ پارٽي کان ڪرائي وڃي
نيلامي درست طريقي سان کليل نموني ڪرائي وڃي ۽ ان لاءِ لازمي اخبارن ۾ اشتهار ڏنو وڃي. 10 هزار ايڪڙ زرعي زمين جا اڻپورا تفصيل ڏنا ويا آهن. سيڪريٽري اوقاف کي حڪم ڏنو ويو ته انهي زمين جا مڪمل تفصيل جمع ڪرايا وڃن ته ڪنهن وٽ ۽ ڪٿي آهن. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ثقافت، ٽوئرزم، اينٽي ڪوئٽي ۽ آرڪيائيو کاتي جي سيڪريٽري جي رپورٽ موجب 250 ملين رپيا هلندڙ مالي سال لاءِ تاريخي ماڳن جي حفاظت، مرمت ۽ بحالي لاءِ گهربل آهن ۽ وڌيڪ 250 ملين رپيا به ايندڙ مالي سال ۾ به گهربل هوندا.