ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) سنڌ جي تعليم واري وزير سردار شاھ چيو آهي ته ٻوڏ متاثر اسڪولن جي بحالي لاءِ ڪيل ٽينڊر معاملي کي ڄاڻي واڻي متاثر ڪيوپيو وڃي، ٽينڊر جاري ڪرڻ اصل ۾شفافيت کي برقرار رکڻ جو مرحلو آھي، ٺيڪيدارن جي پاڻ ۾ جھيڙي ۽ عادي پٽيشنرن جي ڪري تعليم کاتي جا اھم منصوبا رولڙي جو شڪار ٿين ٿا، جنهن جو نقصان ٻارن جي تعليم متاثر ٿيڻ جي صورت ۾ ٿئي ٿو، ڪالهه هڪ تقريب ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته ٻوڏ متاثر اسڪولن جي بحالي لاءِ سمورا ضابطا ۽ رولز نظر ۾ رکيا ويا آهن. سنڌ حڪومت 481 ٻوڏ متاثر اسڪولن جي بحالي لاءِ ٽينڊر جاري ڪيا، ٺيڪيدارن پاران ٽينڊر کلڻ کان اڳ ئي معاملي کي ڄاڻي واڻي متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. هن چيو ته ضابطن مطابق پهرين مرحلي ۾ ٽيڪنيڪل اوپننگ، ٻئي مرحلي ۾ مالي اوپننگ ۽ ٽئين مرحلي ۾ ٽينڊر ايوارڊ جو عمل ٿيندو آهي. مقابلي واري مرحلي ۾ بهتر پروفائل رکندڙ ڪمپنيون پاڻ ئي شارٽ لسٽ ٿي وينديون آھن. هن وڌيڪ چيو ته تعليم کاتو 19 نومبر تي هاءِ ڪورٽ ۾ سڀ تفصيل پيش ڪندو. عدالت اسڪولن جي بحالي لاءِ تعليم کاتي جي سنجيده ڪوششن ۾ سهڪار ڪندي اسٽي ختم ڪري، هن چيو ته ھتي عدالتن جون عمارتون ٺھن پيون، ججن جا الائونس به وڌن پيا، اسان وٽ شاگرد وڻڻ هيٺ پڙهن پيا، ٻوڏ متاثر اسڪولن جي اڏاوت نٿي ٿئي، ھن چيو ته سنڌ ۾ 750 ميوزڪ ٽيچرز ڀرتي ڪرڻ لاءِ آءِ بي اي کي لکيو آھي، اھل اميدوار ٽيسٽ جي تياري ڪن، هن اعتراف ڪيو ته نصابي ڪتابن جي ڇپائي جو عمل به ٺيڪيدارن جي پاڻ ۾ تڪرارن ڪري دير جو شڪار بڻيو.