ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌو درياهه مان 6 نوان ڪينال ڪڍڻ خلاف مختلف تنظيمن پاران سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا، ان سلسلي ۾ حيدرآباد پ پ شهيد ڀٽو جي اڳواڻن خورشيد لاشاري، پرويز بلوچ، رشيد ناريجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو، سکر ۾ پ پ ش ڀ وڪيل قربان ڪلوڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، لاڙڪاڻي ۾ عوامي ورڪرز پارٽي طرفان ڪامريڊ بخشل ٿلهو، ڪاظم علي عباسي، اطهر سومرو، ساجد علي مهيسر، ڪامريڊ ضياءَ ڀٽي، ڪامريڊ سينگار نوناري، خان غفار خان، ڪمال جنبلات، فوزيه سينگار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پيادل مارچ ڪيو ويو. خيرپور ۾ پ پ شهيد ڀٽو طرفان سنڌو درياهه تي 6 ڪئنال اڏڻ واري منصوبي خلاف صفت هاليپوٽو، عطاءُ الله شر، حبدار خاصخيلي، نظر وساڻ، امان الله ڪانڌڙو ۽ امتياز اوڍاڻو جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو، ڄامشوري ۾ پ پ شهيد ڀٽو جي ضلعي صدر شھزاد راڄڙ،سليمان ڀلائي، طالب شاھ،رفيق ڀلائي،لالا ناصر پٺاڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي م احتجاج ڪيو ويو، جيڪب آباد ۾ پ پ شهيد ڀٽو پاران نور محمد منجهو، عبدالسلام سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ جلوس ڪڍي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو، قمبر ۾ پ پ شهيد ڀٽو طرفان شوڪت چانڊيو،طفيل سانگاھ، زاهد بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو. قمبر ۾ جي يو آءِ طرفان نصير آباد کان احتجاجي قمبر تائين ريلي ڪڍي وئي، شهيد ڀٽو چوڪ تي جلسو ڪيو ويو، جلسي کي عبدالقيوم هاليجوي، سراج احمد امروٽي عبدالرزاق عابد لاکو، عذير احمد جاگيراڻي ۽ ٻين خطاب ڪيو. دادو ۾ پ پ شهيد ڀٽو جي اڳواڻن هاشم کوسو ، ممتاز کوسو ، باغي محمد عرس خشڪ ، ذيشان خشڪ ڪچهري روڊ تي ڌرڻو هڻي هڪ ڪلاڪ تائين ٽريفڪ بند ڪري ڇڏي. ٺٽي ۾ پ پ شھيد ڀٽو پاران ضلعي صدر بابو احسان ڀٽو، مقبول شاھ، پرويز ساٽي، خدا بخش سمون، پير بخش سمون، محرم بروھي، ماما الھڏنو بروھي، ثناءُ الله ميمڻ، علي حسن پيروزاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، ڪنڌڪوٽ ۾ پ پ شهيد ڀٽو طرفان اسدالله کوسو، گل بهار جعفري، منير احمد کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. وڳڻ ۾ جي يو آءِ طرفان سيد سراج احمد شاھ امروٽي، گل انقلابي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. شيخ ڀرڪيو ۾ پ پ شهيد ڀٽو جي ڪارڪنن رياض حسين لغاري امين سولنگي اقبال ٿهيم شمن پتافي آصف ٿهيم زاهد پتافي جي اڳواڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو، اوڏيرولال وليج ۾ پ پ شهيد ڀٽو جي اڳواڻن يارمحمد ابڙو علي ڏاهري محمد هنڱوور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، نئون ڪوٽ ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران سنڌو درياھ تي ڪئنالن جي اڏاوت خلاف ضلعي صدر شاھد رند، ڊاڪٽر غلام الله بچاڻي، نجم نھڙيو ۽ ٻين جي اڳواڻي4ءَ ۾ 22 ميل موري کان پريس ڪلب تائين پنج ڪلوميٽر پيادل ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ڊگهڙي ۾ پ پ شهيد ڀٽو طرفان سيد جمال شاهه، سڪندر لنڊ، رمضان شيخ، انيل ڪمار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جھوڪ شريف ۾ جيئي سنڌ قومي پارٽي پاران نواز خان زنئور، محمد علي خشڪ، عرس ڪيھر، قادر بخش زنئور، يوسف ڪنڀار، حاجي خان جلالاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ميرپوربٺورو ۾ جيئي سنڌ قومي پارٽي پاران محمد علي خشڪ، قادر بخش زنئور، وقار ميراڻي، نانا سرائي عثمان زنئور، سوڍل ميراڻي، مختيار زنئور، الطاف کوڙ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، وارهه ۾ عوامي تحريڪ جي سڏ تي سرتاج چانڊيو جي اڳواڻي ۾ ڪار اسٽاپ کان ريلي ڪڍي شهيد فاضل راهو چوڪ تي جلسو ڪيو ويو، جلسي کي سرتاج چانڊيو، عرفان منان، نجيب چانڊيو، ساحل سڪندر، پنهل عباسي ۽ ٻين خطاب ڪيو. نصيرآباد ۾ جي يو آءِ طرفان امير سراج احمد، گل انقلابي، عبدالرزاق ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. ٽنڊو غلام علي ۾ عوامي ايڪشن ڪاميٽي پاران عاثم ارباب، عادل مختيار، عبدالجبار مڱريو، اويس خاصخيلي، عمران ڪنڀر ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌو درياهه مان 6 ڪينال اڏڻ سنڌ سڪائڻ جي سازش آهي جيڪو سنڌ جي معشيت مٿان ڌاڙو آهي جيڪو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو. هنن چيو ته ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪري سنڌو درياهه مان ڪينال کڻڻ آئين جي ڀڃڪڙي آهي اسين اهڙي فيصلي کي رد ڪريون ٿا. هنن چيو ته فوري طور تي اهڙو فيصلو واپس وٺي سنڌ جي عوام ۾ ڇانيل بي چيني ختم ڪئي وڃي. ٻئي صورت ۾ سموري سنڌ سراپا احتجاج بڻجي ويندي.