آئيني ترميمون هاڻي نه ته ڪڏهن؟ جيڪي مونکي چون ٿا پوئتي هٽي وڃان، اُنهن کي چوان ٿو توهان پوئتي هٽي وڃو، عدالتي سُڌارا هر صورت ۾ آندا ويندا، ميثاق جمهوريت ۾ ڪيل واعدن تي ڪوبه سمجهوتو نه ڪيو ويندو، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته انصاف گهرجي ته عدليه ۾ سمورن صوبن کي نمائندگي ڏني وڃي، سِڌي ٻولي ۾ چوان ٿو ته اسان کي برابري گهرجي، هڪ مخصوص عدالت قائم ڪئي وڃي، جنهن جو ڪم رڳو آئيني معاملا ڏسڻ ۽ جمهوريت کي تحفظ ڏيڻ هجي