آئيني ترميم لاءِ جي يو آءِ جي حمايت باوجود ڏکيائون: قومي ۾ 4 ۽ سينيٽ ۾ هڪ ووٽ کٽل

0
46
آئيني ترميم لاءِ جي يو آءِ جي حمايت باوجود ڏکيائون: قومي ۾ 4 ۽ سينيٽ ۾ هڪ ووٽ کٽل
آئيني ترميم لاءِ جي يو آءِ جي حمايت باوجود ڏکيائون: قومي ۾ 4 ۽ سينيٽ ۾ هڪ ووٽ کٽل

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) گذريل مهيني آئيني ترميم جي منظوري ۾ ناڪامي بعد 26 هين آئيني ترميم جي منظوري لاءِ هڪ ڀيرو وري قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا ڌار ڌار اجلاس طلب، مولانا فضل الرحمان جي حمايت باوجود حڪمران اتحاد کي قومي اسيمبلي ۾ 4 ۽ سينيٽ ۾ هڪ ووٽ گهٽ جي صورتحال سامهون آھي

تفصيل موجب ايوان صدر جي ترجمان مطابق صدر آصف علي زرداري قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا الڳ الڳ اجلاس طلب ڪري ورتو آهن. صدر  قومي اسيمبلي جو اجلاس خميس 17 آڪٽوبر تي شام 4 وڳي، سينيٽ جو اجلاس 17 آڪٽوبر خميس تي منجهند 3 وڳي طلب ڪري ورتو. صدر  آئين جي آرٽيڪل 54 (اي) تحت قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا اجلاس گهرائي ورتا آهن

ذريعن مطابق ٻنهي ايوانن جا اجلاس 26 آئيني ترميم جي منظوري لاءِ طلب ڪيا ويا آھن قومي اسيمبلي ۾ آئيني ترميم ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت سان منظور ڪرائڻ لاءِ 224 ووٽن جي ضرورت آھي پر قومي اسيمبلي ۾ حڪمران اتحاد ۾ شامل پارٽين جي مجموعي ميمبرن جو انگ 215 آھي جن ۾ مسلم ليگ ن جا 111، پيپلزپارٽي 70، ايم ڪيو ايم 22، مسلم ليگ ق 5، استحڪام پاڪستان پارٽي 4، جڏهن ته مسلم ليگ ضيا، باپ ۽ نيشل پارٽي جو هڪ هڪ ميمبر شامل آھي

حڪومت جي انهن ميمبرن ۾ ووٽ ڏيڻ کان انڪار ڪندڙ مسلم ليگ ن جو عادل خان ۽ مسلم ليگ ق جو الياس چوڌري به شامل آھي جن خلاف ٻنهي پارٽين پاران اسپيڪر وٽ نااهلي جو ريفرنس داخل ڪرايو ويو آھي جڏهن ته اسپيڪر به آئيني ترميم ۾ ووٽ نٿو ڏئي سگهي

ذريعن جو چوڻ آھي ته اسپيڪر رولز تحت صرف ان وقت ووٽ ڏئي سگهي ٿو جڏهن ووٽ برابر ٿين، آئيني ترميم ۾ ووٽ برابر ٿيڻ ممڪن ناهي ان ڪري حڪومت جي ڪل 215 ميمبرن مان 3 ووٽ مائنس ڪرڻ بعد حڪومت جي ڪل ميمبرن جو انگ 212 ٿئي ٿو ائين آئيني ترميم جي قومي اسيمبلي مان منظوري لاءِ حڪومت جا 12 ووٽ کٽل آھن

جيڪڏهن مولانا فضل الرحمان جي پارٽي آئيني ترميم جي حمايت ڪري ٿي ته جي يوآئي جا 8 ووٽ آھن ان بعد به حڪومت کي قومي اسيمبلي ۾ 4 ووٽن جي کوٽ سامهون آھي جيڪا کوٽ مخالف ڌر جي ميمبرن کي منحرف بنائڻ بنا بظاهر ممڪن ناهي، جيڪڏهن حڪمران اتحاد جا ناراض ٻئي ميمبر ووٽ ڏيڻ لاءِ راضي به ٿين ته پوءِ به ٻن ووٽن جي کوٽ سامهون آھي ائين سينيٽ جي ايوان ۾ آئيني ترميم جي منظوري لاء 64 ووٽ گهربل آھن

سينٽ ۾ حڪمران اتحاد جا ڪل 55 ميمبر آهن جن ۾ پيپلزپارٽي جا 24، مسلم ليگ ن جا 19، ايم ڪيو ايم 3، آزاد 4، باپ 4 ۽ نيشل پارٽي جو هڪ ووٽ شامل آھي جيڪڏهن اي اين پي جا 3 ۽ مسلم ليگ ق جو هڪ ووٽ به حڪومت کي ملي وڃي ته به ڪل تعداد 59 ٿئي ٿو. مولانا فضل الرحمان جي حمايت جي صورت ۾ جي يو آئي جا 5 ميمبر ملائي انگ 64 ٿي وڃي ٿو پر سينيٽ چيئرمين به رولز تحت ووٽ نه ڏئي سگهندو

سينيٽ چيئرمين ووٽ برابر ٿيڻ جي صورت ۾ ووٽ ڏئي سگهي ٿو ان حساب سان حڪومت کي سينيٽ مان آئيني ترميم منظور ڪرائڻ لاءِ هڪ ووٽ جي کوٽ سامهون آهي جيڪا کوٽ بي اين پي مينگل جي ٻن ميمبرن جي حمايت حاصل ڪري پوري ٿي سگهي ٿي يا مخالف ڌر جي ميمبرن کي منحرف ڪرڻ سان کوٽ پوري ڪري سگهجي ٿي.