آئيني ترميمن بابت پارليامينٽ جي خصوصي ڪميٽي جو ان ڪيمرا اجلاس ختم، سڀاڻي ٻيهر اجلاس

0
23
آئيني ترميمن بابت پارليامينٽ جي خصوصي ڪميٽي جو ان ڪيمرا اجلاس ختم، سڀاڻي ٻيهر اجلاس
آئيني ترميمن بابت پارليامينٽ جي خصوصي ڪميٽي جو ان ڪيمرا اجلاس ختم، سڀاڻي ٻيهر اجلاس

آئيني ترميمن بابت پارليامينٽ جي خصوصي ڪميٽي جو ان ڪيمرا اجلاس ختم، سڀاڻي ٻيهر اجلاس طلب

خورشيد شاهه جي سربراهي هيٺ ٿيل اجلاس ۾ بلاول ڀٽو زرداري، مولانا فضل الرحمان ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين بئرسٽر گوهر  به شريڪ ٿيو

بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان سڀني کي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ لاءِ لچڪ ڏيکارڻي پوندي، اها پارليامينٽ جي بالادستي ۽ جمهوريت لاءِ اهم قانونسازي آهي، ان ۾ ڪنهن هڪ شخص کي فائدو پهچائڻ واري سوچ نه آهي، اسان سڀ ادارن جي مضبوطي چاهيون ٿا

هڪڙي فرد وٽ سمورا اختيار هئڻ سان مسئلا پيدا ٿين ٿا، سمورين جماعتن کي درخواست ڪيان ٿو ته اتفاق راءِ ڏانهن اچو

جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته حڪومت پهريون ڀيرو اسان سان آئيني ترميمن وارو ڊرافٽ شيئر ڪيو آهي

جي يو آءِ ۽ پيپلزپارٽي ان مسودي تي پاڻ ۾ مشاورت ڪنديون، اسپيڪر اياز صادق چيو ته دعا ڪندس ته سمورين جماعتن وچ ۾ آئيني ترميمن تي اتفاق راءِ پيدا ٿئي