ٻاهر نڪرو، 24 نومبر فيصلي جو ڏينهن آهي، خبر پئجي ويندي ڪير پارٽي ۾ رهندو ۽ ڪير نه: عمران

0
41
ٻاهر نڪرو، 24 نومبر فيصلي جو ڏينهن آهي، خبر پئجي ويندي ڪير پارٽي ۾ رهندو ۽ ڪير نه: عمران
ٻاهر نڪرو، 24 نومبر فيصلي جو ڏينهن آهي، خبر پئجي ويندي ڪير پارٽي ۾ رهندو ۽ ڪير نه: عمران

پشاور (م ڊ) باني پي ٽي آءِ عمران خان پارٽي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن لاءِ 24 نومبر جي احتجاج بابت هدايتون جاري ڪري ڇڏيون، پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا پاران جاري ڪيل بيان موجب عمران هدايت ڪندي چيو آهي ته 24 نومبر فيصلي جو ڏينهن آهي، ان ڏينهن فيصلو ٿيندو ته ڪير منهنجي پارٽي ۾ رهندو ۽ ڪير منهنجي پارٽي ۾ نه رهندو.عمران پنهنجي هدايتن ۾ چيو ته 24 نومبر تي قافلا ساڻ وٺي روڊن تي نڪرو، مک روڊن تي قافلن کي آڻيو، موبائل فونز سان قافلن جون وڊيوز ٺاهيون وڃن، جنهن ۾ نه صرف گاڏيون پر ساڻ آندل ماڻهن جو انگ به رڪارڊ ڪيو وڃي. عمران خان پنهنجي پيغام ۾ چيو ته 24 نومبر جي ڏينهن نه صرف پاڻ نڪرو پر هر ماڻهو جي ذميواري آهي ته وڏي انگ ۾ ماڻهن کي متحرڪ ڪري تحريڪ هلائي وڃي، هن تحريڪ سان حقيقي آزادي جو خواب پورو ٿيندو ٻي صورت ۾ سڄي زندگي غلامي قوم جو مقدر بڻجي ويندي.  عمران چيو ته موت هڪ ڏينهن اچڻو آهي پوءِ خوف ڇا جو آهي؟ بهتر آهي ته حق جي رستي تي اچو. هوڏانهن بشريٰ بي بي تحريڪ انصاف جي شاگرد ونگ جي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي، عمران جو پيغام پهچايو، بشريٰ چيو ته هي جنگ صرف عمران جي آزادي لاءِ ناهي پر اسان جي ۽ پوري پاڪستان جي هن غلامي مان آزادي جي جنگ آهي. عمران خان پنهنجا ٽئي ترجمان مقرر ڪري ڇڏيا، نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو جنهن موجب بئرسٽر گوهر، سلمان اڪرم راجا ۽ عمر ايوب عمران جا فوڪل پرسن مقرر ڪيا ويا آهن