اسلام آباد ۾ چڙهائي 2014ع جهڙي هئي، 2014ع ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو، اُن کي ورجائڻ نه ڏنو ويندو: وزيراعظم

0
22
اسلام آباد ۾ چڙهائي 2014ع جهڙي هئي، 2014ع ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو، اُن کي ورجائڻ نه ڏنو ويندو: وزيراعظم
اسلام آباد ۾ چڙهائي 2014ع جهڙي هئي، 2014ع ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو، اُن کي ورجائڻ نه ڏنو ويندو: وزيراعظم

وفاق تي ڏينهن رات چڙهائي ڪئي وڃي ٿي، ڌمڪيون ڏيڻ سان گڏ بيهوديون ڳالهيون ڪيون وڃن ٿيون، 2014ع ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو، اُن کي ورجائڻ نه ڏنو ويندو

وزيراعظم اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ جي احتجاج کي 2014ع جهڙي سازش قرار ڏئي ڇڏيو، وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پهرين به چيني صدر جي دوري جي موقعي تي ڌرڻو هنيو ويو، 2014ع ۾ ڌرڻا هڻي چيني صدر جي دوري ۾ دير ڪرائي وئي

اسلام آباد ۾ چڙهائي 2014ع جهڙي هئي، اهي ٻيهر 2014ع واري ارادي سان وفاق تي چڙهائي ڪري رهيا آهن، پر اُن کي ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو، ڪي پي جي وڏي وزير جي اڳواڻي ۾ احتجاج ۾ افغان شهري شامل هئا

وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته بشام واقعي کانپوءِ چيني قيادت کي فول پروف سيڪيورٽي جي خاطري ڪرائي هئي، اُن باوجود ڪراچي ۾ چيني انجنيئرز تي حملو ٿيڻ شرم جوڳي ڳالهه آهي

چيني انجنيئرز تي حملي جي ذميواري بندش پيل بي ايل اي قبول ڪئي، چيني سفير کي خاطري ڪرائي ته ايس سي او ڪانفرنس لاءِ فول پروف سيڪيورٽي جا انتظام ڪيا آهن