اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) وفاقي حڪومت جي هڪ سرڪاري رپورٽ ۾ موسمي تبديلي سبب پاڪستان ۾ سوا 7 ڪروڙ آبادي جي قحط سالي سبب متاثر ٿيڻ جو امڪان ڏيکاريو ويو آھي . قومي قحط سالي مانيٽرنگ سينٽر (اين ڊي ايم سي) پاران ورتل هڪ جامع جائزي جي بنياد تي ملڪ جي 19 ضلعن جي موسمي تبديلي سبب قحط سالي سبب شديد متاثر ٿيندڙ ضلعن طور نشاندهي ڪئي وئي آھي جنهن سنڌ صوبي جي ڪل آبادي ۾ 28 سيڪڙو آبادي رکندڙ 9 ضلعن ۽ بلوچستان جي 10 ضلعن کي شامل ڪيو ويو آھي .پنهنجي اخبار وٽ موسمي تبديلي واري وزارت جي لکت ۾ موجود سرڪاري دستايز ۾ ٻڌايو ويو آھي ته يو اين سي سي ڊي جي نومبر 2022 جي رپورٽ موجب پاڪستان موسمي تبديلي سبب پاڪستان کي وڏي قحط سالي ايمرجنسي جي صورتحال سامهون آھي موسمي تبديلي سبب دنيا ۾ سخت متاثر ٿيندڙ 23 ملڪن ۾ پاڪستان کي به شامل ڪيو ويو آھي. يو اين سي سي ڊي جي رپورٽ مطابق پاڪستان جي تقريبن 30 سيڪڙو آبادي موسمي تبديلي سبب قحط سالي ۾ متاثر ٿي رهي آھي . پاڪستان جي نئين آدمشماري موجب ڪل آبادي 24 ڪروڙ 14 لک 99 هزار 431 آھي انهي آبادي جو 30 سيڪڙو 7 ڪروڙ 24 لک 49 هزار 8 سو 29 ٿئي ٿو، جنهن جي موسمي تبديلي سبب قحط سالي ۾ سخت متاثر ٿيڻ جي نشاندهي ڪئي وئي آھي . موسمي تبديلي بابت وفاقي وزارت جي لکت ۾ موجود دستاويز ۾ وڌيڪ چيو ويو آھي ته قومي قحط سالي مانيٽرنگ سييٽر (اين ڊي ايم سي ) پاران هڪ تفصيلي جائزي جو انتظام ڪيو ويو جنهن جي بنياد تي پاڪستان جي 19 ضلعن جي قحط سالي سبب شديد متاثر ٿيندڙ ضلعن طور نشاندهي ڪئي وئي آھي انهن ضلعن ۾ سنڌ صوبي سان تعلق رکندڙ ضلعن ۾ سکر، خيرپور، سانگهڙ، عمرڪوٽ، بدين، ٿرپارڪر، ٺٽو، ڄامشورو، دادو سميت 9 ضلعا شامل ڪيا ويا آھن. نئين آدمشماري تحت مٿي ڄاڻايل ضلعن جي مجموعي طور تي آبادي 1 ڪروڙ 53 لک 74 هزار 39 ٿئي ٿي جيڪا سنڌ صوبي جي ڪل آبادي جو 28 سيڪڙو آھي جيڪا سخت قحط سالي سبب متاثر ٿي رهي آھي. سنڌ جي جن ضلعن جي موسمي تبديلي سبب قحط سالي ۾ متاثر ٿيڻ جي نشاندهي ڪئي وئي آھي انهن ضلعن ۾ خيرپور جي 25 لک 97 هزار 535 سانگهڙ جي 23 لک 8 هزار 465، بدين ضلعي جي 19 لک 47 هزار 81، ٿرپارڪر جي 17 لک 78 هزار 407، دادو جي 17 لک 42 هزار 320، سکر جي 16 لک 39 هزار 897، عمرڪوٽ 11 لک 59 هزار 831، ڄامشورو 11 لک 17 هزار 308 ۽ ٺٺي ضلعي جي 10 لک 83 هزار 191 آبادي شامل آھي.جڏهن ته موسمي تبديلي سبب بلوچستان جي شديد متاثر ڏهن ضلعن ۾ نوشڪي، پشين، خاران، گوادر، جيوڻي، پنجگور، پسني ، تربت، عماره ۽ ڪوئٽا ضلعا شامل آھن
سنڌ هدف کان ٻيڻ تي وڌيڪ وڻ پوکڻ ۾ ڪامياب: پنجاب، ڪي پي ۽ بلوچستان ناڪام
اسلام آباد: موسمي تبديلي وزارت جي دستاويز ۾ انڪشاف ڪندي ٻڌايو ويو آھي ته موسمي تبديلي جي اثرن کي گهٽائڻ لاءِ سال 2019 کان سال 2023 تائين صوبن کي وڻ لڳائڻ لاءِ ڏنل حدف پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان صوبن ۾ حاصل نه ٿي سگهيا آھن جڏهن ته رڳو سنڌ صوبي ۾ حدف کان ٻيڻ تي وڌيڪ وڻ لڳايا ويا آھن. دستاويز موجب سال 2019 کان سال 2023 تائين پنجاب صوبي هڪ ارب ٻوٽا لڳڻ جي حدف جي مقابلي ۾ سال 2024 تائين رڳو 36 ڪروڙ ٻوٽا لڳائڻ جو حدف حاصل ڪيو آھي ائين ڪي پي پي صوبي به هڪ ارب ٻوٽا لڳائڻ جي حدف جي مقابلي ۾ 71 ڪروڙ 10 لک، بلوچستان 10 ڪروڙ حدف جي مقابلي ۾ 2 ڪروڙ 18 لک، آزاد ڪشمير 56 ڪروڙ حدف جي مقابلي ۾ 17 ڪروڙ، 28 لک، گلگت بلتستان 17 ڪروڙ جي حدف جي مقابلي ۾ 9 ڪروڙ 39 لک ٻوٽا لڳائڻ جو حدف حاصل ڪيو آھي، جڏهن ته پاڪستان ۾ سنڌ واحد صوبو آھي جتي 46 ڪروڙ 60 لک ٻوٽا لڳائڻ جي حدف جي مقابلي ۾ 85 ڪروڙ 25 لک 30 هزار ٻوٽا لڳائڻ جو حدف حاصل ڪيو ويو آھي. دستاويز ۾ اهو به ٻڌايوويو آھي ته ڄاڻايل عرصي ۾ ملڪ اندر مجموعي طور تي 3 ارب 29 ڪروڙ 60 لک ٻوٽا لڳائڻ جي مقرر حدف جي مقابلي ۾ سال 2024 تائين 2 ارب 21 ڪروڙ 29 لک ٻوٽا لڳائڻ جو حدف حاصل ڪيو ويو آھي، اهي ٻوٽا مجموعي طور تي 22 هزار 9 سو 97 سائيٽن تي لڳايا ويا آھن جن ۾ پنجاب صوبي ۾ 3 هزار 290، ڪي پي ڪي ۾ 8 هزار 607، بلوچستان ۾ 513 ۽ سنڌ صوبي ۾ 10 هزار 790 سائيٽون شامل آھن
ملڪ ۾ 2030 تائين 30 سيڪڙو گاڏيون اليڪٽرڪ تي آڻڻ جو اعلان
اسلام آباد: موسمي وزارت موجب ٻوڏ جي خطرن کان آگاهي ڏيندڙ اين اي پي منصوبي تي ڪم ڪيو پيو وڃي جنهن تحت زراعت، پاڻي وسيلن ۽ ساحلي علائقن ۾ ان طرح جي شعبن ۾ فوري طور ٻوڏ جي خطرن کان آگاهي ڏئي نقصانن جي امڪانن کي گهٽ ڪري سگهي ٿو. ريچارج پاڪستان منصوبي لاءِ 7 ڪروڙ 70 لک ڊالرن جي گرانٽ جي منظوري ڏني وئي آھي جنهن تحت هڪ ڪروڙ ماڻهن ۽ ڪمزور ماحولياتي نظام کي اثرائتو بڻايو ويندو ائين پهرين اليڪٽرڪ وهيڪل پاليسي 2020 تحت 2030 تائين پاڪستان ۾ 30 سيڪڙو گاڏيون اليڪٽرڪ هونديون. لاهور، ڪراچي ۽ اسلام آباد جهڙن شهرن ۾ ميٽرو ۽ ٽرانزٽ سسٽم تي به ڪم ٿي رهيو آھي
ڪراچي ۾ 7 هزار 7سئو ايڪڙن تي 42 لک 82 هزار 500 وڻ پوکيا ويا
اسلام آباد: موسمي تبديلي جي وفاقي وزارت جي سرڪاري دستاويز ۾ ٻڌايو ويو آھي ته موسمي تبديلي جي اثرن کان بچڻ لاءِ سال 2019 کان سال 2023 تائين ڪراچي ۾ 7700 ايڪڙن تي 42 لک 82 هزار 500 ٻوٽا لڳائڻ جو حدف مقرر ڪيو ويو هو جنهن حدف کان وڌيڪ ٻوٽا لڳائڻ جو حدف حاصل ڪيو ويو آھي ڪراچي ۾ مجموعي طور تي 7667 ايڪڙن تي 43 لک 31 هزار 290 ٻوٽا لڳايا ويا آھن. دستاويز موجب ڪراچي ۾ سال 2019 ۾ 2 لک 85 هزار 320، سال 2020 ۾ 386950، سال 2021 ۾ 2877050، سال 2022 ۾ 375320، سال 2023 ۾ 384650 ٻوٽا لڳايا ويا آھن
گرين هائوس گيسز 2030 تائين 50 سيڪڙو گهٽائڻ جو فيصلو
اسلام آباد)بيورو رپورٽ) موسمي تبديلي جي اثرن کان بچڻ لاءِ پيرس جي معاهدي تحت پاڪستان گرين هائوس گيسز جي اخراج ۾ 2030 تائين 50 سيڪڙو گهٽتائي ڪرڻ جو عزم ڪيو آھي موسمي تبديلي جي وزارت موجب ان عزم جو دارو مدار عالمي تعاون تي آھي، جڏهن ته 2030 تائين هوا، سج ۽ پن بجلي جي منصوبن تحت پنهنجي ضرورت جي 60 سيڪڙو بجلي پيداوار ڪرڻ چاهي ٿو حڪومت سرڪاري عمارتن جي بجلي سولر تي منتقل ڪرڻ تي ڪم ڪري رهي آھي اسلام آباد ۾ 496 سرڪاري عمارتن ۽ وڏن شهرن ۾ 340 عمارتن ۾ سولر سسٽم لڳايو پيو وڃي، حڪومت تيل تي بجلي پيدوار تي ڀاڙڻ گهٽائي متبادل توانائي پيداوار کي هٿي ڏيڻ جو عزم ڪيو آھي.
موسمي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون: حڪومت
اسلام آباد: موسمي تبديلي جي وزارت چيو آھي ته موسمي تبديلي هڪ سنگين چيلينج آھي تازو ئي موسمي تبديلي جي پاليسي کي به اپ ڊيٽ ڪيو ويو آھي جنهن ۾ زراعت، چوپائي مال، صحت ۽ ٻيلن ۾ واڌ سوڌو موسمي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ مقامي آبادين جي سگھه ۾ اضافو ڪرڻ لاءِ تجويزن جو ذڪر ڪيو ويو آھي . قومي ۽ صوبائي سطح تي پاليسي ۽ منصوبن ذريعي پاڻي جي موثر استعمال ذريعي موسمي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ، زرعي پاڻي جي مينيجمينٽ، گليشيئر جي پگهرڻ سبب خطرن کان بچاءُ جي قدمن، ٻه ارب وڻ لڳائڻ، ري چارج پاڪستان پروگرام جو مقصد ملڪي موسم ۾ بهتري آڻڻ آھي، اهو منصوبو سنڌ، بلوچستان، ڪي پي ۾ ٻوڏ ۽ قحط سالي جي خطرن کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪندو . سنڌ ۾ 75 هزار هيڪٽرن تي تباهه ٿيل مينگروز جي بحالي ڪئي وئي آھي نيشنل قحط سالي پلان 2024 جي ڊرافٽ جي تياري شروع
اسلام آباد: موسمي تبديلي واري وزارت جي لکت ۾ موجود دستاويز ۾ ٻڌايو ويو آھي ته موسمي تبديلي سبب پاڪستان ۾ قحط سالي جي صورتحال کي موثر طور حل ڪرڻ لاءِ وسيع پيماني تي مشاورتي عمل ذريعي نيشنل قحط سالي پلان 2024 جو ڊرافٽ تيار ڪيو ويو پيو وڃي جيڪو حتمي مرحلي ۾ آھي.
ڪوئلي مان بجلي ٺاهڻ واري منصوبي تي پابندي
اسلام آباد: موسمي تبديلي جي وزارت پاران موسمي تبديلي جي اثرن کان بچڻ لاءِ قدمن ۾ ڪوئلي تي بجلي جي تياري جي منصوبن تي پابندي کي به شامل ڪري ڇڏيو آھي پنهنجي اخبار وٽ موجود لکت ۾ ڄاڻايل وزارت جي دستاويز ۾ چيو ويو آھي ته 2020 کان ئي ڪوئلي تي بجلي پيدوار جي پلانٽس لڳائڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آھي ۽ امپورٽ ٿيل ڪوئلي تي بجلي پيداوار جي اجازت نه ڏني ويندي، مقامي ڪوئلي لاءِ گيسيفڪيشن جي منصوبن تي ڌيان ڏنو پيو وڃي