فاطمه ڦرڙو ضلعي نوشهرو فيروز جي علائقي خانواهڻ جي ڳوٺ علي محمد ڦرڙي جي رهواسڻ هئي. سندس والدين انتهائي مسڪين ماڻهو آهن، جن وٽ نه پنهنجو گهر آهي، نه ڪو جوڳو روزگار آهي. فاطمه جو والد نديم ڦرڙو ءِ والده شبنم ڦرڙو 9 مهينا اڳ فاطمه کي پير پرستي ۽ غربت سبب پنهنجي مرشد پير فياض شاهه جي حوالي ڪيو هو، جنهن فاطمه کي ڪجهه عرصو پاڻ وٽ ترسايو، بعد ۾ پنهنجي ڌيءَ حنا شاهه ۽ نياڻي اسد شاهه جي حوالي ڪيو. فاطمه جي عمر اٽڪل ڏَهَه يارنهن سال ٿيندي، جيڪا پيرن جي حويلي ۾ انهن جا ٻار کيڏائيندي هئي. اُن حويلي ۾ ڪافي ٻار ۽ عورتون ڪم ڪار، حويلي جي سارَ سنڀال ۽ ٻارن کيڏائڻ لاءِ رکيل هئا، جن مان ڪافي عورتون ڳوٺ علي محمد ڦرڙي جون هيون. انهن مان هڪ فاطمه جي سؤٽ اُجالا حويلي ۾ ڪم ڪندي هئي، جنهن جي مطابق، ان تي ڪافي جبرُ ٿيندو رهيو. ايتري قدر جو اُجالا کي باٿ روم ۾ وٺي وائپرن سان ڪُٺيو ويندو هو. ڪئميرا جي ريڪارڊنگ جي ڊپ کان کيس ٻاهر اڱڻ تي سينڊل، مُڪون، وڃڻا، لُڪڻُ هنيا ويندا هئا. ايتري قدر جو سندن واتان رتُ اچي ويندو هو، جنهن کي ٻاهر ٿُوڪارڻ به نه ڏنو ويندو هو. مطلب ته رتُ پياريو ويندو هو. ان نياڻيءَ تي ايترو تشدد ٿيو جو بقول ان جي، اُها خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿي وئي. هڪ ڏينهن کيس پيٽ تي تيز نوڪَ وارو سينڊل هنيو ويو، جنهن سان سندس پيٽ مان رتُ وهڻ لڳو (اُهو نشان اڄ ڏينهن تائين سندس پيٽ تي موجود آهي). انهيءَ رات جو اُجالا جي سموري جسم مٿان فنائل (تيزاب) جي پُوري بوتل هاري وئي. ان کان وڌيڪ ظلم جي ڪهڙي انتها ٿيندي؟ جيل ۾ به قيدين جا ڪجهه حق هوندا آهن، اسد شاهه جي حويلي ته جيل کان به بدتر ٿي وئي. صبح جو جڏهن سڀ سُتل هئا ته وجُھ وٺي اُجالا حويلي مان فرار ٿي وئي. رستي ۾ کيس پنهنجي ذات جا مرد مليا، جيڪي هن کي پنهنجي گهر وٺي ويا، جنهن کان پوءِ اُجالا لوڪل گاڏيءَ ۾ سفر ڪري گهر پهتي. مسڪين هجڻ ڪري وارثن خاموشي اختيار ڪئي. ان کان علاوه اُجالا جو چوڻ آهي ته حنا شاهه هر ملازمه تي اهڙو ئي تشدد ڪندي هئي. فاطمه ڦرڙو تي به تشدد ٿيندو رهندو هو. انهيءَ حويلي ۾ ڪم ڪندڙ ثانيه ڦرڙو، جيڪا فاطمه تي ٿيل ظلم تشدد جي اکين ڏٺي گواهه آهي، اُن ٻڌايو ته فاطمه کي گُهٽا ڏنا ويا، سندس وارَ ڪٽيا ويا، پُٺي تي تشدد ڪيو ويو، ٻانهن تي تشدد ڪيو ويو. ثانيه ٻڌايو ته اسد شاهه جي حويلي ۾ ۽ جنهن ڪمري ۾ حنا شاهه، اسد شاهه ٻارن سميت گڏ سُمهندا هئا، ان ڪمري ۾ ڪيمرائون لڳل هونديون هيون. ثانيه، فاطمه ۽ اُجالا ڦرڙو ساڳئي ڪمري ۾ رات جو سمهنديون هيون. ڪهڙا شادي شده ماڻهو پنهنجي پرسنل ڪمري ۾ ڪئميرائون هڻندا آهن؟ گهڻا ئي سوال ذهن ۾ اُڀرن ٿا. 24 ڪلاڪن ۾ چار ڪلاڪ ننڊ ڪرائي ويندي هئي، باقي ڪلاڪ مسلسل ڪم، ٻار کيڏائڻ ۽ حنا شاهه کي زور ڏيڻ ۾ گذري ويندا هئا. حنا شاهه انتهائي ظالم طبيعت جي مالڪ هئي، جيڪا ملازمن تي تشدد ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪندي هئي. افسوس جي ڳالهه اِها آهي ته جڏهن حنا شاهه ملازمن تي تشدد ڪندي هئي ته ٻيا گهر وارا تماشو ڏسندا هئا. مطلب ته اِهڙو ظلم ڪرڻ، معصوم نياڻين تي تشدد ڪرڻ، حويلين جي عورتن جو معمول آهي.
ان ساري عرصي ۾ فاطمه ڦرڙو جي امڙ شبنم ڦرڙو رڳو ٽي ڀيرا ڌيءَ سان ملڻ آئي. جنهن وقت ماءُ ڌيءَ سان ملندي هئي، ان وقت هڪ ملازمه فاطمه جي مٿان چوڪيداري ڪندي هئي ته متان فاطمه ڪا به ڳالهه پنهنجي امڙ سان ڪري. شبنم ڦرڙو جي مطابق حويلي ۾ ڪئميرائون هجڻ ڪري فاطمه ڳالهائي نه سگهندي هئي. شبنم جڏهن فاطمه جي موڪل گهُري، تڏهن حويلي جي مالڪن منع ڪئي. انهيءَ دوران نديم ڦرڙو حويلي جي پيرن سان مليو ته نياڻي واپس ڪريو. جنهن تي پيرن سخت ڪاوڙ ڪئي ۽ فاطمه جي پيءُ کي ڌيءَ نه ڏني وئي. آخرڪار 14 آگسٽ تي رات جو ستين اٺين وڳي فاطمه جو لاش گهر پهتو. فاطمه جي موت جو اطلاع وارثن کي حويلي مان نه مليو. ڳوٺ جي ملازم، نديم ڦرڙي کي فون ڪري اطلاع ڏنو ته فاطمه گذاري وئي آهي. پوءِ وارث پاڻ ايمبولينس ڪرائي لاش کڻائي آيا. ڳوٺ جي عورتن جو چوڻ آهي ته فاطمه کي غسل ڏيڻ وقت اسان ڏٺوسين ته فاطمه جي جسم جو اُهو عضوو خالي ناهي، جتي تشدد نه ٿيو هجي. بقول انهن جي ته اسان ڏٺوسين فاطمه سان ظلم ٿيل آهي پر اسان سندس والده کي ڪجهه به نه ٻڌايو. خوف هو ته متان سندس امڙ جو هانءُ ڦاٽي پوي. غسل دوران فاطمه جي پڦي جي گريجوئيٽ ڌيءَ ڏٺو ته فاطمه تي ظالماڻو تشدد ٿيل آهي، جنهن تي اُن فاطمه جي جسم تي ٿيل زخمن جو ساڻس ٿيل ظلم جي وڊيو ريڪارڊ ڪئي. بقول ان جي ته چار وڊيوز ريڪارڊ ڪيون ويون ۽ اُها سمجهي وئي هئي ته فاطمه سان جنسي تشدد ٿيل آهي.
15 آگسٽ تي پوليس کي اطلاع مليو. پوليس وارثن سان ملي. فاطمه جي وارثن ايف آئي آر ان ڊپ مان نه ڪرائي ته ڳوٺ جون ڪجهه ڇوڪريون پوئتي رهيل هيون، متان انهن کي ڪو نقصان نه پهچي. ان ڪري فاطمه جا وارث خاموش ٿي ويا. جڏهن باقي رهيل ڇوڪريون وارث موٽائي آيا ۽ فاطمه جي امڙ ڌيءَ سان ٿيل ظلم جون وڊيو ڏٺيون ته اُهي ڪيس درج ڪرائڻ لاءِ راضي ٿيا. 16 آگسٽ تي ايس ايس پي خيرپور روحل کوسو پاڻ وارثن وٽ ويو ۽ انهن کي چيو ته امان توهان ڪيس داخل ڪرائيندا؟ جنهن تي فاطمه جي امڙ هاڪار ۾ جواب ڏنو. اهڙي طرح 16 آگسٽ تي ايف آئي آر داخل ٿي وئي. حويلي تي ڇاپو لڳو. حنا شاهه فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي يا لڪائي وئي يا سيد هئڻ ڪري ان تائين قانون جا هٿ پهچي نه سگهيا، گهڻائي سوال آهن، جيڪي عام ماڻهوءَ جي ذهنن ۾ گردش ڪري رهيا آهن پر پوليس اسد شاهه کي گرفتار ڪري ورتو. انهيءَ دوران لوڪل ڊاڪٽر جنهن فاطمه جي مرڻ کان اڳ سندس طبيعت ڏٺي هئي ۽ چيو هو ته فاطمه کي گيسٽرو ٿي آهي، ان کي گرفتار ڪيو ويو. ان حد جي ايس ايڇ او کي به فرض ۾ ڪوتاهي ڪرڻ تان گرفتار ڪيو ويو. جيئن ته فاطمه جو ميڊيڪل نه ٿيو هو، ان ڪري سڀني مِٽن مائٽن، سوشل، پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي دٻاءُ تي ميڊيڪل بورڊ 18 آگسٽ تي فاطمه ڦرڙو جو ميڊيڪل ڪيو. 19 آگسٽ تائين سڀني شڪي جوابدارن جا ڊي اين اي ورتا ويا ۽ ڪراچي آئي سي سي يو اسپتال ۾ جمع ڪرايا ويا. معصوم فاطمه جا ڪپڙا، چادر، رليون ۽ رُومال فرانزڪ لاءِ موڪليا ويا. ميڊيڪل جي ابتدائي رپورٽ ٻئي ڏينهن تي اچي وئي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته فاطمه جي جسم جو اُهو عضوو رهيل ناهي، جتي تشدد نه ٿيو هجي. معصوم سان جنسي ڏاڍائي ٿي آهي ۽ ڪيتري عرصي کان ٿيندي رهي آهي. وڌيڪ جيڪو رپورٽ ۾ لکيو ويو، اُهو ٻڌائي نٿو سگهجي، ڇو جو حساس دل رکڻ وارا ماڻهو اِهو سڀ پهرين ٻُڌي ۽ پڙهي چڪا آهن ۽ هن وقت سخت تڪليف ۾ آهن. ايف آئي آر ۾ جيڪي جوابدار نامزد ڪيا ويا هئا، سڀ جا سڀ گرفتار ناهن ٿيا، خاص ڪري حنا شاهه، فياض شاهه ۽ سندس پٽ گرفتار ناهي ٿيو. ان جا به ڪجهه سبب آهن. سنڌ جا سيد ڪڏهن به نه چاهيندا ته ڪا سيد عورت گرفتار ٿئي، ڇو جو اسان کي ذهن نشين ڪرڻ کپي ته پ پ پ حڪومت ختم ٿي آهي پر سمورو ماحول تبديل ناهي ٿيو. هيٺان کان مٿي تائين انهن جا ماڻهو ويٺل آهن، جيڪي ان ڪيس کي راڄوڻي ذريعي نبيرڻ چاهين ٿا ۽ حنا شاهه کي هر قيمت ۾ گرفتار ٿيڻ نه ٿيندا. ان ڪري چوويھ ڏينهن گذرڻ باوجود حنا شاهه اڃان تائين گرفتار ناهي ٿي. جيڪڏهن حنا شاهه گرفتار ٿئي ٿي ته عوامي طاقت جي اُها وڏي ڪاميابي هوندي.
فاطمه ڦرڙو جو ڪيس پهرين راڻيپور جي عدالت ۾ هلي رهيو هو. ان جي وڪيلن جي گهر تي راڻيپور عدالت ڪيس ATC ڪورٽ خيرپور موڪلي ڇڏيو آهي ۽ هن وقت اسد شاهه ستن ڏينهن جي ريمانڊ تي آهي. انهيءَ دوران لوڪل ڊاڪٽر، جنهن کي فاطمه جي طبيعت ڏيکاري وئي هئي، ان ٻڌايو هو ته فاطمه کي گيسٽرو ٿيو آهي. غلط بيان ڏيڻ جي ڪري ان ڊاڪٽر کي گرفتار ڪيو ويو. فرض ۾ ڪوتاهي ڪرڻ جي ڪري حد جي ايس ايڇ او کي به گرفتار ڪيو ويو.
جيئن ته وارثن فاطمه جو ميڊيڪل نه ڪرايو هو، ان ڪري سوشل، پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي دٻاءُ تي پوليس ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ جي درخواست ڏني، جنهن جي مطابق 18 آگسٽ تي ميڊيڪل بورڊ فاطمه ڦرڙو جو ميڊيڪل ڪيو، 19 تاريخ تائين سڀني جوابدارن جا ڊي اين اي ڪراچي جي اسپتال ۾ موڪليا ويا. ميڊيڪل جي ابتدائي رپورٽ جيڪا منظر تي آئي، ان موجب فاطمه جي جسم جو اُهو عضوو ڇڏيل ناهي، جتي تشدد نه ٿيل هجي. فاطمه ڦرڙو سان جنسي ڏاڍائي جا ثبوت به مليا. وڌيڪ لکي نٿي سگهان، ڇو جو جيڪا ابتدائي ميڊيڪل رپورٽ سامهون آئي آهي ۽ پڙهي وئي آهي، ان جي ذڪر ڪرڻ سان هانءُ ڦاٽيو پوي ٿو. ان عرصي دوران ڊي آئي جي سکر جاويد جسڪاڻي صاحب هڪ ٽيم جوڙي، جنهن انڪوائري ڪئي ته ڪيس جا ڪهڙا پاسا رهجي ويا آهن ۽ ڪهڙا پاسا مڪمل ٿيا آهن. انڪوائري ۾ سامهون آيو ته ايس ايڇ او ۽ ڊاڪٽر بيڏوهي آهن، ان ڪري انهن کي آزاد ڪيو وڃي ٿو. ان بابت به ڪجهه سوال ذهن ۾ اچن ٿا ته جيڪڏهن هُو بيڏوهي هئا، انهن جو نالو فرياد ۾ نه هو ته انهن کي ايترا ڏينهن ٿاڻي ۾ يا حراست ۾ ڇو رکيو ويو؟ جيڪڏهن ڪنهن ثبوت جي بنا تي ٿاڻي ۾ رکيو ويو ته پوءِ انهن لاءِ ڪميٽي جوڙي انهن کي ايترو جلد ڇو آزاد ڪيو ويو؟ سوال ته آهن ۽ گهڻا ئي سوال عام ماڻهو، پڙهيل لکيل ماڻهو ۽ انساني حقن تي ڪم ڪندڙن جي ذهنن ۾ اُڀري رهيا آهن. هن وقت تائين حنا شاهه ۽ فياض شاهه ڇو نه گرفتار ٿيا آهن؟ ڇا هي جوابدار قانون کان ايترا ڏاڍا آهن جو قتل کي 24 ڏينهن گذرڻ باوجود قانون جي گرفت کان آجا آهن؟ ايترو ته ذهن قبول ڪري رهيو آهي ته انهن درگاهه جي گادي نشينن مان ڪجهه پ پ پ ۾ شامل آهن، ڪجهه پيري مريدي ڪري رهيا آهن. پ پ پ حڪومت وئي ضرور آهي پر سمورو ماحول تبديل ناهي ٿيو. هيٺان کان مٿي تائين ماڻهو انهن جا ئي ويٺل آهن، جيڪي ڪڏهن نه چاهيندا ته هڪ سيدياڻي هڪ مريدياڻي جي تشدد جي ڪيس ۾ گرفتار ٿئي، ان سان سموري پيري مريدي لُڏي ويندي. جيڪڏهن جيڪڏهن حنا شاهه گرفتار ٿئي ٿي ته اِها عام ماڻهوءَ جي وڏي ڪاميابي هوندي. انهن جي جدوجهد جي وڏي ڪاميابي هوندي. ٽيون سوال جيڪو ذهن ۾ اُڀري رهيو آهي ته اسد شاهه جو فون هن وقت پوليس وٽ آهي. بقول ‘آئي او’ جي ته ان جو پاسورڊ جوابدار کان وسري ويو آهي. هن تائين پوليس هڪ فون جو پاسورڊ رڪور ناهي ڪرائي سگهي يا ڪرايو ويو آهي ته عام ماڻهو کان ڳالهيون لڪايون ويون آهن. جيڪڏهن نه کليو آهي ته پاسورڊ کلڻ گهرجي، ڇو جو فون کلڻ سان اسد شاهه جا گهڻا ئي راز سامهون اچي سگهن ٿا.
آخر ۾ هڪ ڳالهه ضرور لکنديس ته فاطمه ڦرڙو جي والدين غربت ۽ پير پرستي ۾ اچي پنهنجي نياڻي اسد شاهه وٽ موڪلي پر هي انهن کان وسري ويو ته هن دور ۾ پير ته ڇا، سُٺا انسان ملڻ ڏاڍا مشڪل آهن. ماڻهن جي هڪ چهري پٺيان سوين تَھَ چڙهيل چهرا آهن، جن کي سُڃاڻڻ مشڪل ڇا، ناممڪن آهي. ان ڪري پنهنجو اولاد، ڀلي پٽ هجي يا نياڻي، ان کي ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ جي حوالي نه ڪريو. پنهنجي اولاد کي تعليم ڏيو. انهن جي بهتر تربيت ڪريو. انهن کي پنهنجو ساٿُ ڏيو، ڇو جو ننڍي عمر ۾ ٻارن کي والدين جي ساٿ جي ضرورت هوندي آهي، پنهنجو بارُ پنهنجن ڪلهن تي کڻڻ سکو. هي ڪيس ڪو عام ڪيس ناهي، جنهن کي ائين وساري سگهجي يا ان تي خاموشي اختيار ڪجي. هي ڪيس اسان لاءِ انتهائي اهم ڪيس آهي، ڇو جو هي ڪيس سوين رازن تان پردا کڻي ٿو ۽ سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو ته فاطمه، اُجالا ۽ ثانيه کان علاوه الائي ڪيتريون نياڻيون هونديون، جيڪي روز ان ظلم ۽ جبر مان گذرنديون هونديون ۽ پنهنجي بيوسي تي خاموش ماتم ڪنديون هونديون. اسان سڀني کي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي انهن نياڻين کي بچائڻو آهي. اُهو تڏهن ٿيندو، جڏهن اهڙا ڪيس بي نقاب ٿيندا، جوابدارن کي سزائون اينديون. اسان جي اِها گهر آهي ته ٻيون جيڪي نه نياڻيون اتان بازياب ڪرايون ويون آهن، انهن جي 164 ڪرائي انهن جو ڪيس درج ڪيو وڃي، ڇو جو قانون ۽ اخلاق ائين ئي چوي ٿو. ان سان انهن نياڻين ۾ همٿ پيدا ٿيندي ۽ سماج ۾ احساس محرومي جيڪا جنم وٺي رهي آهي، اُها ڪنهن قدر گهٽ ٿيندي.