ڪلوئي ويجهو سڱاوتي تان شادي رات ڪنوار کي جيت مار دوا ڏئي گم ڪرڻ جو انڪشاف

0
48
ڪلوئي ويجهو سڱاوتي تان شادي رات ڪنوار کي جيت مار دوا ڏئي گم ڪرڻ جو انڪشاف
ڪلوئي ويجهو سڱاوتي تان شادي رات ڪنوار کي جيت مار دوا ڏئي گم ڪرڻ جو انڪشاف

نئون ڪوٽ (رپورٽ: پيار علي نهڙيو) ڪلوئي ڀرسان پٽ لاءِ سڱ نه ڏيڻ تان بااثر مامي پاران ڀاڻيجيءَ کي نڪاح واري رات تشدد ڪري جيت مار دوا پيارڻ بعد گم ڪرڻ جو انڪشاف. چئن ڏينهن کان ماءُ پيءُ ۽ ناري پراسرار طور گم، پوليس ناري ۽ سندس والدين جو پتو نه لڳائي سگهي، راڄوڻي ذريعي معاملو لئي مٽي ڪرڻ جا چوٻول، ڪلوئي ڀرسان ڳوٺ ڪمهالو هالا ۾ چار ڏينهن اڳ ونواهه ۾ ويٺل ڪنوار کي نڪاح واري رات مبينا طور تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد زرعي جيت مار دوا پيارڻ کانپوءِ کيس بيهوشي جي حالت ۾ گم ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، علائقي ۾ چوٻول هلندڙ آهن ته ناريءَ جو مامو علائقي جو چڱو مڙس آهي جنهن پنهنجي پٽ لاءِ ڀاڻيجي جو سڱ گهريو هو،  سڱ نه ڏيڻ تان نڪاح واري رات بااثر آيل گهوٽ ۽ ڄاڃين کي واپس موٽائي ڪنوار کي تشدد جو نشانو بڻائي مبينا طور زرعي جيت مار دوا ڏيڻ بعد گم ڪري ڇڏيو، ناري کي  بيهوشي واري حالت ۾ بدين بعد حيدرآباد اسپتال نيو ويو هو  جنهن بعد ناري ۽ والدين جو هن مهل تائين ڪو پتو پئجي ناهي سگهيو. هوڏانهن الزام هيٺ آيل ڌر ۽ ڇوڪري جي والدين  سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش باوجود رابطو ٿي نه سگهيو.

والدين ناريءَ جي پسند جي شادي ڪرائي رهيا هئا جنهن تي مامي کي اعتراض هو: ذريعا

نئون ڪوٽ: ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته ڇوڪري جي والدين ڇوڪريءَ جي مرضيءَ مطابق عمران هالو نالي نوجوان سان شادي ڪرائڻ چاهي ٿي، جنهن تي ڇوڪريءَ جي مامي کي اعتراض هو جنهن نڪاح واري رات ڇوڪري تي تشدد ڪري گم ڪيو آهي.

نڪاح رات ڄڃ  وٺي پئي وياسين ته ناريءَ جي مامي هاشم هالو حملو ڪري ڄڃ موٽائي ڇڏي: گهوٽ

نئون ڪوٽ: گهوٽ عمران هالو جي ويڊيو سامهون آئي آهي جنهن ۾ هن جو چوڻ آهي ته غلام مصطفيٰ مونکي  خوشي سان ڇوڪري جو رشتو ڏنو هو، نڪاح واري رات اسان ڄڃ کڻي ڳوٺ پهتاسين ته ناريءَ جي مامي هاشم هالو حملو ڪري ڄاڃين سميت موٽائي ڇڏيو ۽ نڪاح واري رات ڪنوار تي تشدد ڪري زهر ڏيڻ بعد بيهوشي واري حالت ۾ گم ڪري ڇڏيو آهي، ٽن ڏينهن کان ناري گم آهي، هن اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪيو وڃي