ڪراچي (رپورٽ: حبيب جمالي ) ڪراچي ۾ سيڪيورٽي گارڊ طرفان چيني شهرين تي ڪيل حملي جو ڪيس داخل، نجي فيڪٽريءَ جي سيڪيورٽي انچارج نجيب الرب جي فرياد تي ۾ سائيٽ ”اي“ ٿاڻي تي دهشتگردي ۽ قتل جي ارادي وارن قلمن هيٺ داخل ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته گذريل ڏينهن 4 چيني شهري فيڪٽري پهتا، جنهن دوران فيڪٽريءَ ۾ مقرر ٿيل سيڪيورٽي گارڊ شريف الله پهرين فلور تي اچي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 2 چيني شهري زخمي ٿي پيا، جن کي فيڪٽريءَ جي ايمبولينس ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جوابدار فائرنگ کانپوءِ فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. پوليس واقعي واري هنڌان نائن ايم ايم پستول جا 16 خول هٿ ڪري ورتا
هوڏانهن آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي صدارت هيٺ چيني شهرين جي سيڪيورٽي جي حوالي سان اهم اجلاس ٿيو. جنهن ۾ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي چيني شهرين جي سيڪيورٽي لاءِ اختيار ڪيل حڪمت عملي بابت بريفنگ ڏني، اجلاس کي خطاب ڪندي آءِ جي سنڌ چيو ته صوبي ۾ موجود چيني شهرين جي حفاظت لاءِ ميزبان ۽ سيڪيورٽي ڪمپنيون قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي رٽائرڊ اهلڪارن جون خدمتون حاصل ڪرڻ جون پابند هونديون
ڪنهن به پراجيڪٽ جي احاطي ۾ چيني شهرين جي سيڪيورٽي تي مقرر ٿيل سيڪيورٽي گارڊن جو مڪمل آڊٽ ڪرايو ويندو. چيني شهرين جي چرپر سان گڏوگڏ پراجيڪٽ ۽ رهائش واري هنڌ جي سيڪيورٽي ڪليئرنس تمام ضروري آهي. آءِ جي سنڌ چيو ته اسان کي سيڪيورٽي جي حوالي سان زيرو ٽالرنس پاليسي تي عملدرآمد ڪرائڻو آهي
چيني شهرين جي ميزبانن ۽ پراجيڪٽ مالڪن کي سيڪيورٽي جي حوالي سان جاري ٿيل ايس او پي بابت آگاهي ڏني وڃي، پروجيڪٽ تي ڪم ڪندڙ چيني شهرين کي غير ضروري ميل جول کان پري رکڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، اسپيشل برانچ ۽ اسپيشل پروٽيڪشن يونٽ حڪومت پاران جاري ڪيل ايس او پي تي سختي سان عملدرآمد ڪرائين، غفلت ۽ لاپرواهي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي