ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه چيو آهي ته 2023ع جي ڊجيٽل آدمشماري ۾ ملڪي آبادي ۾ واڌ جي سالياني شرح 2.55 سيڪڙو ڏيکاري وئي آهي، هن وقت پاڪستان جي آبادي 241 ۽ سنڌ جي آبادي 55 ملين کان وڌي وئي آهي. آبادي ۾ واڌ بابت اجلاس م ڳالهائيندي هن چيو ته سنڌ ۾ آبادي ۾ واڌ جا 2 مکيه ڪارڻ پيدائش جي شرح ۾ واڌ ۽ پاڪستان اندر ۽ ٻاهرين ملڪن مان وڏي لڏپلاڻ آهي، جنهن صوبي جي محدود وسيلن تي سخت دٻاءُ وڌو آهي، هتي نوڪريون، صحت، تعليم، رهائش ۽ خوراڪ جي فراهمي جي متاثر ٿي آهي. هن چيو ته ڊجيٽل آدشماري موجب سنڌ جي آبادي ساڍا 5 ڪروڙ آهي، جڏهن ته عملدارن کي شڪ آهي ته آدمشماري جي ڊيٽا ۾ حقيقي انگن اکرن کي گهٽايو ويو آهي. اجلاس ۾ آبادي جي روڪٿام لاءِ 350 فيملي ويلفيئر ورڪر ڀرتي ڪرڻ ۽ نگراني لاءِ گاڏيون خريد ڪرڻ جو فيصلو پڻ ڪيو ويو۔ اجلاس ۾ پرائيويٽ فيسلٽي ايڪريڊيشن کي بهتر بڻائڻ، سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن ذريعي خانداني منصوبابندي جي معيار کي لاڳو ڪرڻ ۽ ڊولپمينٽ پارٽنرن، ڊونرن ۽ اين جي اوز سان نوان معاهدا ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو