اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪاميٽي متعلق جسٽس منصور علي شاهه جي خط جو چيف جسٽس جواب ڏئي ڇڏيو. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جسٽس منصور علي شاهه کي ڪاميٽي ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏئي ڇڏي
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پاران جسٽس منصور علي شاهه کي لکيل خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته رجسٽرار سپريم ڪورٽ مون کي ۽ جسٽس امين الدين کي اوهان جو لکيل خط اجلاس دوران ڏنو. اوهان جو خط مون وٽ اچڻ کان اڳ ۾ صحافين وٽ پهچي ويو. فل ڪورٽ جي فيصلي ۾ پارليامان جي قانونسازي جي فيصلي جي اختيار کي تسليم ڪيو
چيف جسٽس جي بينچز جي تشڪيل جي اختيارن کي اڪثر آئيني ڪيسن ۾ غلط استعمال ڪيو ويو. شاهه صاحب ! قانون ۾ مون کي ڪاميٽي جا ججز نامزد ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو آهي. معقول سببن جي ڪري پنهنجو اختيار استعمال ڪيو. ائين نٿو لڳي ته اوهان سمورن ججز کي هڪ جهڙو تصور ڪريو ٿا. مون کي يقين آهي ته اوهان معامري کي غور هيٺ آڻي عوام لاءِ ڪاميٽي ۾ ٻيهر شامل ٿي ويندا
چيف جسٽس پاڪستان پنهنجي خط ۾ وڌيڪ چيو ته پنهنجي شموليت سان سپريم ڪورٽ جي ڪاروائي بنا وقفي جي يقيني بڻائيندا. اوهان پاران رجسٽرار ۽ سپريم ڪورٽ ججز کي خط جي ڪاپي موڪلي وئي. اوهان جي خط سان پيدا ٿيندڙ غلط بيانيي جي خاتمي لاءِ مون وٽ به سڀني کي ڪاپي موڪلڻ کان علاوه ڪو رستو ناهي. اوهان پاران مون تي ججز جي چونڊ، غير جمهوري ۽ ون مين شو جهڙو فضول الزام لڳايو ويو. اوهان جون ڳالهيون حقيقتن کي تبديل نٿيون ڪري سگهن
سپريم ڪورٽ لاءِ جيڪو ڪجهه ڪيو اهو ٻڌائڻ جي ضرورت ناهي. پر عوام ۾ غلط بيانيي کي ختم ڪرڻ جي لاءِ اوهان ائين ڪرڻ تي مجبور ڪيو آهي. جسٽس منيب جو ڪاميٽي ۾ رويو مناسب نه هو، جسٽس يحييٰ آفريدي کي ججز ڪاميٽي ۾ شامل ٿيڻ جو چيو ويو
جسٽس يحييٰ آفريدي ججز ڪاميٽي ۾ شامل ٿيڻ کان معذرت ڪئي. جسٽس يحييٰ آفريدي جي معذرت تي جسٽس امين الدين خان کي ججز ڪاميٽي ۾ شامل ڪيو ويو
واضع رهي ته جسٽس منصور علي شاهه پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو، جسٽس منصور علي شاهه خط لکي صدارتي آرڊيننس تي خدشن جو اظهار ڪيو هو
جسٽس منصور علي شاهه جسٽس منيب اختر جي ڪاميٽي کان الڳ ڪرڻ تي اعتراض اُٿاريا هئا. جسٽس منصور علي شاهه جي خط تي چيف جسٽش قاضي فائز عيسي جوابي خط لکي ڇڏيو آهي
ذريعن موجب چيف جسٽس لکيو آهي ته جسٽس شاهه! توهان حقيقتون ڄاڻڻ بنا الزام هنيو ته مون ٻئين سينيئر جج جسٽس يحييٰ آفريدي کي باءِ پاس ڪيو آهي، جسٽس آفريدي کي جيڪڏهن ڪو ميمبر نٿو بڻائڻ گهري ته اُهو جسٽس منيب اختر آهي، 20 سيپٽمبر تي ڪميٽي جي اجلاس بابت جسٽس يحييٰ آفريدي سان رابطي جي ڪوشش ڪئي، سندس عدم دستيابي تي جسٽس امين کي درخواست ڪئي ته هُن لاهور روانگي ملتوي ڪري ڇڏي
چيف جسٽس خط ۾ لکيو ته جسٽس منصور شاهه صاحب! توهان جي عدم شرڪت سبب جمعي تي ڪميٽي جو اجلاس ملتوي ڪرڻو پيو، ٻن ڏينهن کانپوءِ توهان لکيو ته ڪميٽي ۾ شرڪت نه ڪندا، توهان جي موجودگي ۾ جسٽس يحيٰي کي ڪاميٽي ۾ شرڪت لاءِ چيو، جنهن تي جسٽس آفريدي چيو ته هو ججز ڪاميٽي ۾ ويهڻ نٿو چاهي.