ڪراچي(رپورٽ: عرفان شاهه) سنڌ هاءِ ڪورٽ 26 آئيني ترميم خلاف داخل درخواستن کي ٻڌڻ جوڳو قرار ڏيندي اٽارني جنرل ۽ ايڊووڪيٽ جنرل کي نوٽيس جاري ڪندي ٻن هفتن ۾ جواب طلب ڪري ورتو
درخواستگذار جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته بنيادي طور تي آئيني ترميم سان عدليه جي آزادي کي ختم ڪيو ويو آهي, جوڊيشل ڪميشن جي ٻيهر جوڙجڪ سان عدليه جي آزادي متاثر ٿي آهي
هن چيو ته چيف جسٽس چيو ته آئين ۾ ترميم عدليه نه پر پارليامينٽ جو ڪم آهي. ڇا توهان آئين جي آرٽيڪل 239 جو جائزو ورتو آهي؟ آرٽيڪل 239 موجب آئيني ترميم تي ڪنهن به عدالت ۾ پڇا ڳاڇا ٿي نٿي سگهي، جنهن تي درخواستگذار جي وڪيل چيو ته سپريم ڪورٽ طئه ڪيو آهي ته ترميم ذريعي آئين جي بنيادي ڍانچي کي تبديل نٿو ڪري سگهجي
جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اسان وٽ سپريم ڪورٽ جا اختيار ناهن، عدالت اهو ڪري سگهي ٿي. جيڪو هاءِ ڪورٽ کي ڪرڻ جو اختيار آهي، پارليامينٽ عوام جي چونڊيل آهي، جنهن تي درخواستگذار جي وڪيل چيو ته پارليامينٽ جو اسٽيڪ شڪي آهي، چونڊن جون درخواستون ٻڌڻي هيٺ آهن، جوڊيشل ڪميشن ۾ حڪومت جا ماڻهو شامل آهن
جنهن تي عدالت چيو ته ڇا توهان الزام لڳائي رهيا آهيو ته اهي بدنيت آهن؟ جنهن تي درخواستگذار جي وڪيل چيو ته انهن ماڻهن کي ئي جج مقرر ڪرڻا آهن ۽ انهن کي ئي ججن جي ڪارڪردگي جاچڻي آهي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته ترميم کان اڳ ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي مقرري لاءِ اهو فارمولو استعمال ۾ هو
درخواستگذار جي وڪيل چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ سينيئر ترين جج کي چيف جسٽس بڻايو ويندو آهي، هاڻ ججن جي مقرري ۽ ڪارڪردگي پارليامينٽ جا ميمبر ڏسندا، جن کي پاڻ عدالتن ۾ پيش ٿيڻو پوندو آهي، انهي سان عدالت جي غير جانبداري جو تاثر ختم ٿيندو، هن وڌيڪ چيو ته آئيني بينچ قائم ٿيڻ سان عدالت جا اختيار متاثر ٿيندا
جنهن تي عدالت چيو ته چيف جسٽس بينچ ٺاهي ته قبول آهي، جيڪڏهن جوڊيشل ڪميشن ٺاهي ته اعتراض ڇو؟ بينچ ڪنهن جي به هجي، جج ته ساڳيا آهن نه؟ سڀ جج برابر آهن، پوءِ اهي جونيئر جج هجن يا سينيئر جج هجن، سينيئر جج کي رڳو ايگزيڪيوٽو اختيار حاصل آهن پر عدالت ۾ سڀ جج برابر آهن،اسان صبح ۽ شام اسپيشل بينچز ٺاهيندا آهيون، جوڊيشل ڪميشن بينچ ٺاهي ته اعتراض ڇو آهي؟
جنهن تي درخواستگذار جي وڪيل چيو ته جيڪڏهن اختيار عدليه وٽ رهن ته ڪو مسئلو ناهي پر جيڪڏهن اختيار ڪنهن ٻئي وٽ آهن ته پوءِ مسئلو آهي ، نئين ترميم هيٺ اختيار عدالت بجاءِ جوڊيشل ڪميشن وٽ آهن، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته ڪميشن ۾ 5 جوڊيشل ميمبر ۽ 8 نان جوڊيشل ميمبر آهن
عدالت چيو ته ٻئي خاني ۾ پاڪستان بار ڪائونسل جو ميمبر به ته شامل ڪيو ويو آهي، ڪيس ڪنهن بينچ ۾ هلي ٿو؟ اهو توهان جو بنيادي مسئلو ناهي، توهان جو بنيادي مسئلو انصاف آهي
چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن هڪ جج آئيني بينچ ۾ آهي ته انهي تي اعتبار نه ڪيو ويندو پر جيڪڏهن اهو جج ڪنهن ٻي بينچ ۾ آهي ته اهو ٺيڪ آهي؟ اهو به ممڪن آهي ته هڪ جج آئيني بئنچ ۾ ويهي، وقفي کانپوءِ ٻئي بينچ ۾ هجي، اهو جج ته جج ئي هوندو