دنيا ترقي جي راھ تي گامزن آھي ۽ اسان اڄان ساڳين مذھبي قومپرستي وڏيراشاھي سرداري پيري مريدي جي چڪرن ۾ ڦاٿل آھيون .
ChatGPT
ھي ھڪ اھڙو ٽول يا سافٽويئر آھي جنھن کان توھان آنلائن ڪو به ڪم وٺي سگھو ٿا ڪجھه به پڇي سگھو ٿا ۽ ھي توھانکي سيڪنڊن ۾ جواب ڏيندو جيئن ڪو بايولاجي جو سوال جيڪو سمجھ ۾ نٿو اچي اھو بجاءِ گوگل تي سرچ ڪرڻ جي ھن سافٽويئر کان ڊاريڪٽ پڇي سگھو ٿا.
ھاڻي انھي سافٽويئر جو ھڪ ٻيو ورزن جاري ڪيو ويندو جنھن ۾ تمام گھڻا فيچر ھوندا جيئن اوھان کي ڪا ويڊيو ٺاھڻي آھي پھنجي شاگردن کي سمجھائڻ لاءِ ته توھان صرف ھـن سافٽويئر کي ٽاپڪ ٻڌائيندو ته ھي اوھان کي ويڊيو ٺاھي ڏيندو وڏي خوشي جي ڳالھ اھا به آھي ته توھان سنڌي ۾ به ھن کان سوال ڪري سگھو ٿا. تيزي سان ترقي ڪندڙ گلوبل وليج ۾ پھنجو اجھو اڏڻ جي ڪوشش ڪيو جيئن اڳتي ايندڙ ڏکيائين کي صحيح طريقي سان منھن ڏئي سگھجي. (فيس بوڪ تان ورتل)