ممبئي(م ڊ) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ( بي سي سي آءِ ) ايندڙ سال پاڪستان ۾ شيڊيول آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافيءَ لاءِ ٽيم موڪلڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا رپورٽس ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته بي سي سي آءِ چيمپيئنز ٽرافيءَ لاءِ پاڪستان اچڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا رپورٽس موجب، ڀارتي بورڊ جو چوڻ آهي ته ڀارتي ٽيم ميگا ايونٽ لاءِ پاڪستان جو دورو نه ڪندي.رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته بي سي سي آءِ پاڪستان کي ٽورنامينٽ ۾ شرڪت نه ڪرڻ بابت لکت ۾ آگاهه ڪري چڪو آهي. ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي ذريعن موجب، چيمپيئنز ٽرافي ۾ ڀارتي ٽيم جون ميچون هائبرڊ ماڊل تحت دبئيءَ ۾ رکڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ذريعن موجب، بي سي سي آءِ، انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل سميت پي سي بي کي پنهنجي خدشن بابت آگاهه ڪري چڪو آهي
لکت ۾ جواب ناهي مليو: هائبرڊ ماڊل قبول نه هوندو، پي سي بي
اسلام آباد: ٻئي پاسي بي سي سي آءِ جي چيمپيئنز ٽرافيءَ لاءِ ٽيم پاڪستان نه موڪلڻ وارين خبرن تي ردعمل ڏيندي پي سي بي چيئرمين چيو آهي ته راند کي سياست کان پري رکڻ گهرجي، ڀارت جي نه اچڻ باوجود هو پنهنجون تياريون جاري رکندا.قذافي اسٽيڊم ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي محسن نقوي چيو ته ڀارتي ميڊيا رپورٽ ڪيو آهي ته بي سي سي آءِ چيمپيئنز ٽرافي لاءِ ٽيم پاڪستان موڪلڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ باظابطا طور ٽورنامينٽ ۾ شرڪت يا انڪار بابت لکت ۾ جواب ناهي ڏنو.هن چيو ته بي سي سي آءِ طرفان ڪنهن به قسم جو لکت ۾ جواب ناهي مليو، ٽورنامينٽ هائبرڊ ماڊل تحت ڪرائڻ واري تجويز قبول نه ڪئي ويندي. پي سي بي چيئرمين چيو ته جيڪڏهن ڀارتي بورڊ باظابطا طور پاڪستان نه اچڻ جو اعلان ڪيو ته هو حڪومت ڏانهن ويندو ۽ پوءِ حڪومت جيڪو فيصلو ڪندي ان تي عمل ڪيو ويندو