چمبڙ ويجهو لنجواڻي ۽ مري برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ قتل، هڪ زخمي

0
13
چمبڙ ويجهو لنجواڻي ۽ مري برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ قتل، هڪ زخمي
چمبڙ ويجهو لنجواڻي ۽ مري برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ قتل، هڪ زخمي

چمبڙ (ن پ ا) چمبڙ ويجھو ڳوٺ  احمد فقير لنجواڻي ڀرسان لنجواڻي ۽ مري برادري ۾ جھيڙو ٿي پيو، گوليون لڳڻ سبب لنجواڻي برادري جو 23 سالا نوجوان سورج لنجواڻي ٿڏي تي ئي  مارجي ويو ۽ محمد حسن لنجواڻي سخت زخمي ٿي پيو، مارجي ويل ۽ زخمي کي چمبڙ اسپتال منتقل ڪيو ويو، زخمي محمد حسن لنجواڻي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد اسپتال منتقل ڪيو ويو، اطلاع تي چمبڙ سنجرچانگ پوليس جا اٽالا واقعي واري ھنڌ پھچي ويا، مارجي ويل ۽ زخمي محمد حسن لنجواڻي  جي وارثن چيو ته  4 ڏينھن اڳ مري برادري جي ماڻھو جي موٽر سائيڪل ڦر ٿي ھئي، جنھن تان مري برادري جي ماڻھن  اسان مٿان الزام مڙهيو جنھن تان مري برادري ۽ لنجواڻي برادري ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال ھئي ۽ مري برادري جا ماڻھو اسان کي روز موت مار ڌمڪيون ڏيندا رھيا، اسان ان جي شڪايت پوليس جي لاڳاپيل عملدارن کي شڪايتون ڏيندا رھياسون پر ڪو تدارڪ نه ٿيو  ۽ اڄ اسان جي ماڻھن کي  رستي ويندي مري برادري جي ماڻھن حملو ڪري اسان جو نوجوان قتل ڪري ڇڏيو ۽ ھڪ ڄڻو مرڻينگ ڪري ڇڏيو آھي، اطلاع موجب مري برادري جا ماڻهو به زخمي آھن، جنهن کي ٽنڊوالهيار اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، آخري اطلاعن تائين ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگھي آھي.