شڪارپور/چڪ (نمائندن وٽان) شڪارپور ضلعي جي چڪ لڳ آرائين بلاڪ ويجهو هٿياربندن هٿان شھيد ٿيل بچل ڀيو ٿاڻي جو ايس ايچ او سهراب اوڍو جو ڪيس سرڪار پاران چڪ ٿاڻي تي ايس ايچ او غلام حسين ڀٽو جي فرياد تي 24 سڃاتل ۽ پنج اڻسڃاتل جوابدارن مٿان داخل ڪيو ويو آھي، جوابدارن ۾ نصر قادراڻي جتوئي، حفيظ قادراڻي جتوئي، ياسين قادراڻي، مجاهد قادراڻي، محبوب قادراڻي جتوئي، ميرڻ قادراڻي جتوئي، بخشو، نادر قادراڻي جتوئي، جبار، محبوب، يونس ۽ ٻيا شامل آھن، ڪيس ۾ فريادي ڄاڻايو ته مختلف ٿاڻن جي پوليس نفري ساڻ ڪري جوابدارن جي گرفتاري لاءِ چڙھائي ڪئي ته جوابدارن پوليس نفري مٿان خون ڪرڻ جي ارادي سان سڌا فائر ڪيا، جنهن ۾ ايس ايچ او بچل ڀيو سهراب اوڍو مٿي ۾ گولي لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو، زخمي ٿيڻ بعد شھيد ٿي ويو، ڪيس ۾ دھشتگردي جا قلم پڻ شامل ڪيا ويا آھن، ٻي طرف شڪارپور پوليس پاران خانپور جي ناپر ڪوٽ ۽ ڳڙھي تيغو واري ڪچي وارن علائقن ۾ مختلف ٿاڻن جي پوليس ۽ رينجرس جي ايس ايس پي شاھزيب چاچڙ جي اڳواڻي ۾ گڏيل آپريشن ڪيو پيو وڃي، پوليس پاران 6 ڏوھاري زخمي ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آھي، پوليس موجب ڪچي ۾ ڏوھارين خلاف ھلندڙ آپريشن جي ڪري ڪچي مان ٻاھر ۽ اندر اچڻ وارا رستا سيل ڪيا ويا آھن، ايس ايس پي شڪارپور موجب ته ڳڙھي تيغو ويجھو بدنام ڏوھاري نثار سبزوئي ۽ ھن جي ٽولي خلاف ڪچي ۾ آپريشن هلي رهيو آهي، آپريشن ۾ 300 پوليس اھلڪار، 6 بڪتر بند گاڏيون، 100پوليس ڪمانڊوز ۽ 50 رينجرز جا جوان حصو وٺي رھيا آھن، ايس ايس پي چيو آھي ته آپريشن ۾ اي پي سي چين، جديد ٽيڪنالاجي ۽ بھتر حڪمت عملي سان ڏوھارين سان وڙھي رھيا آھيون.
شڪارپور ۾ بدامني: ٻن ڏينهن ۾ مسافر سميت 2 ڄڻا قتل ٿي چڪا، 6 ڄڻا ڌاڙيلن وٽ قيد
شڪارپور: ياد رھي ته 2 ڏينھن اڳ ناپر ڪوٽ ٿاڻي جي حد ۾ ڏوھارين انڊس هاءِ وي تي مسافر ڪوچ مٿان فائرنگ ڪئي ھئي، جنھن ۾ ھڪ مسافر قتل ۽ پنج ڄڻا زخمي ٿيا ھئا، جڏھن ته ٻن معصومن سميت 6 مغوي ڏوھارين جي قيد ۾ آھن، 2 ڏينھن اڳ بچل ڀيو ٿاڻي جي ايس ايچ او سھراب اوڍو کي به ڏوھارين گوليون ھڻي شھيد ڪري ڇڏيو ھو.
ايس ايچ او جي قتل ڪيس ۾ انٽر جو شاگرد به نامزد، گرفتاري نه ٿي
چڪ: چڪ لڳ ڪچي واري علائقي ۾مھر_ جتوئي تڪرار کي روڪڻ جي ڪوشش دوران شهيد ٿيل ايس ايچ او بچل ڀيو جو قتل ڪيس جتوئي برادري جي 30 هٿياربندن خلاف داخل، انٽر جو شاگرد به جوابدار نامزد، ايس ايچ او سهراب اوڍو جو ڪيس سرڪاري فرياد تي داخل ڪيو ويو، ڪيس ۾ دھشتگردي جا قلم پڻ شامل ڪيا ويا آھن، شهيد ايس ايچ او سهراب خان اوڍو جي قتل ڪيس ۾ انٽر جي شاگرد مجاهد قادراڻي جتوئي کي به جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي.