سي پيڪ جي 23 منصوبن ۾ سنڌ لاءِ بلوچستان ۽ ڪي پي کان به گهٽ رڳو 3 منصوبا

0
67
سي پيڪ جي 23 منصوبن ۾ سنڌ لاءِ بلوچستان ۽ ڪي پي کان به گهٽ رڳو 3 منصوبا
سي پيڪ جي 23 منصوبن ۾ سنڌ لاءِ بلوچستان ۽ ڪي پي کان به گهٽ رڳو 3 منصوبا

اسلام آباد  (بيورو رپورٽ) چين پاڪستان اقتصادي راهداري يعني سي پيڪ تحت 25 ارب ڊالر جي ماليت جا 38 منصوبا مڪمل ٿي ويا، سي پيڪ تحت 2.1 ارب ڊالر ماليت جي 23 منصوبن تي ڪم جاري آهي جن ۾  سنڌ صوبا جا رڳو 3 منصوبا هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي

رٿابندي جي وفاقي وزارت جي پنهنجي اخبار وٽ موجود سرڪاري دستاويز ۾ چيو ويو آھي ته سي پيڪ تحت هن وقت تائين لڳ ڀڳ 25 ارب ڊالر ماليت جا 38 منصوبا مڪمل ٿي چڪا آھن مڪمل ٿيل منصوبن ۾ پورٽ قاسم ڪوئلي تي بجلي پيداور جو منصوبو 1 ارب 91 ڪروڙ  22 لک ڊالرن جي ماليت سان مڪمل ٿيو آھي

660 ميگاواٽ بجلي پيداور جو  اينگرو ٿر پاور ۽ مائين منصوبو 99 ڪروڙ، 54 لک ڊالر ، 330 ميگاواٽ جو ٿر انرجي لميٽيڊ 49 ڪروڙ 77 لک ڊالر، ايم ٽي پي اي ٿر بلاڪ 99 ڪروڙ ڊالر، ملتان سکر موٽروي 2 ارب 80 ڪروڙ ڊالر ، اورينج لائين ميٽرو ٽرين منصوبو 1 ارب 60 ڪروڙ ڊالر ، مٽياري لاهور ٽرانسميشن لائين 1 ارب  69 ڪروڙ 80 لک ڊالرن ۾ مڪمل ڪيو ويو آھي

1320 ميگاواٽ جو حب ڪول پاور 1 ارب 91 ڪروڙ 22 لک ، 1320 ميگاواٽ جو ساهيوال ڪول پاور 1 ارب 91 ڪروڙ 22 لک، قائد اعظم سولر پارڪ 52 ڪروڙ، 100 ميگاواٽ جو يو اي پي ونڊ فارم 25 ڪروڙ، 100 ميگاواٽ ونڊ پاور 15 ڪروڙ ڊالر ،50 ميگاواٽ جو سچل ونڊ فارم 13 ڪروڙ 4 لک ڊالر ، 50 ميگاواٽ جو دائود ونڊ 11 ڪروڙ 3 لک ڊالر  ۽ ٻيا منصوبا مڪمل ٿيلن ۾شامل آھن

دستاويز ۾ ٻڌايو ويو آھي ته 2.1 ارب ڊالر ماليت جي 23 منصوبن تي ڪم جاري آھي جن ۾ سنڌ صوبي جا رڳو ٽي منصوبا شامل آھن انهن ۾ ڌاٻيجي خصوصي زون 2 ڪروڙ 70 لک ڊالر ، 220/132 ڪي وي جي آءِ ايس سب اسٽيشن ڍاٻيجي 2 ڪروڙ 20 لک جڏهن ته سنڌ ۽ ڪي پي ڪي صوبي جو زراعت بابت  گڏيل منصوبو به شامل آھي، هلندڙ منصوبن ۾ يارنهن بلوچستان ، پنج ڪي پي ڪي ، ٽي پنجاب ۽ ڪجهه منصوبا صوبن ۾ گڏيل آھن