ڪراچي/ ملير (نمائندن وٽان ) سنڌ ۾ مڪاني ادارن جي خالي ٿيل 32 سيٽن تي اڄ ننڍي چونڊ ٿيندي ، انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنز تي سي سي ٽي وي ڪيميرائون نصب ڪيون ويون آهن ، ان ڏس۾ اليڪشن ڪمشنر شريف الله جو چوڻ هو ته اڄ ٿيندڙ مڪاني ننڍي چونڊ جا سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن، ڪالهه پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته صوبي ۾ 32 سيٽن تي چونڊ ڪرائي پئي وڃي، جن ۾ 11 يوسي چيئرمين، 6 وائيس چيئرمين ۽ 13 وارڊ ڪائونسلر شامل آهن، ڪراچي شهر ۾ 4 يوسي چيئرمينن، 2 وائيس چيئرمينن ۽ 4 ڪائونسلرن جي چونڊ ٿيندي، ننڍي چونڊ 4 لک کان وڌيڪ ووٽر پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندا، هن چيو ته ننڍي چونڊ لاءِ 271 پولنگ اسٽيشنز قائم ڪيون ويون آهن، جن مان 213 پولنگ اسٽيشنز کي انتهائي حساس قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته 47 حساس ۽ 11 نارمل پولنگ اسٽيشنز آهن، هن چيو ته پولنگ اسٽيشنز تي سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن. رينجرز جي مقرري ڊي آر اوز جي سفارش تي ڪئي ويندي, پولنگ اسٽيشنز تي سيڪيورٽي جا انتظام به سخت ڪيا ويا آهن.هوڏانهن ملير ٽائون جي يوسي بختاور ۾ چيئرمين ۽ ابراهيم حيدري ٽائون جي وارڊ 7 تي جنرل ڪائونسلر جي سيٽ تي اڄ چونڊ ٿيندي، يوسي بختاور جو پ پ سان لاڳاپيل چيئرمين ذاتي جهيڙي ۾ قتل ٿيو هو، جڏهن ته يوسي شيرپائو ڪالوني جي وارڊ 7 ۾ پڻ ذاتي جهيڙي تان جنرل ڪائونسلر مارجي ويو هو.