اليڪشن ڪميشن ۾ اين اي 75 ڊسڪه ۾ مبينا ڌانڌلي ڪيس جِي ٻڌڻي: نون ليگ جِي اميدوار نوشين افتخار جَي وڪيل سلمان اڪرم راجا دليل ڏنا ته اين اي 75 ڊسڪه ۾ مقررين ۽ بدلين تي پابندي باوجود حڪومت ذوالفقار ورڪ کي ڊي ايس پي مقرر ڪيو، چيف اليڪشن ڪمشنر سوال ڪيو ته ڇا ذوالفقار ورڪ ۽ ذوالفقار علي ساڳيو شخص آهي؟ جنهن تي وڪيل چيو ته بلڪل اهو ساڳيو ئي شخص آهي، اِها ڳالهه اعليٰ سطحي سازش کي وائکو ڪري ٿي، آءِ جي پنجاب ڇو ڊسڪه چونڊن تي ايتري دلچسپي وٺندو؟: اليڪشن ڪميشن وڪيلن جا دليل مڪمل ٿيڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ورتو، جيڪو اڄ شام 3 وڳي ٻڌايو ويندو…