وزيراعظم شهباز شريف بلاول ڀٽو زرداري جا خدشا ختم ڪرڻ جو ٽاسڪ اسحاق ڊار کي ڏئي ڇڏيو، وزيراعظم شهبازشريف اسحاق ڊار کي پ پ قيادت سان رابطو ڪرڻ ۽ خدشا ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي: وزيراعظم جي صلاحڪار بئرسٽر عقيل ملڪ چيو آهي ته اسحاق ڊار جلد بلاول ڀٽو سان ملاقات ڪندو، ڪجهه غلط فهمين سبب خدشا پيدا ٿي سگهن ٿا، ڪجهه ڏينهن بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي 26هين آئيني ترميم جي منظوري بعد واعدن جي ڀڃڪڙي جو الزام هنيو هو