ڀڳت ڪنور جي اڄ ورسي: رڪ اسٽيشن ويران، حڪومت يادگار ٺهرائڻ ۾ ناڪام

0
12
ڀڳت ڪنور جي اڄ ورسي: رڪ اسٽيشن ويران، حڪومت يادگار ٺهرائڻ ۾ ناڪام
ڀڳت ڪنور جي اڄ ورسي: رڪ اسٽيشن ويران، حڪومت يادگار ٺهرائڻ ۾ ناڪام

سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) “نالي الک جي ٻيڙو تار منھنجو، پھرين نومبر ڀڳت ڪنور رام جي ورسي، سنڌ جي عظيم صوفي سنت ڀڳت ڪنور رام جي شھادت بعد رڪ ريلوي اسٽيشن ويران ٿي ويو، سنڌ حڪومت پاران ڀڳت ڪنور رام جي نالي سان اعلانيل يادگار تعمير نه ٿي سگهيو، ھندو برادري ۽ شاعرن اديبن پاران ٺاھيل يادگار تي ھر سال گڏ ٿي ڀيٽائون پيش ڪيون وينديون، يادگار ڪاميٽي پاران پھرين نومبر تي رڪ ريلوي اسٽيشن تي ڀڳت ڪنور رام جي 85 ورسي ملهائي ويندي، واقعو پھرين نومبر 1939 تي رڪ ريلوي اسٽيشن تي پيش آيو، جنھن ۾ مانجھد کان پنھنجي ڳوٺ ويندي سنڌ جي عظيم صوفي سنت ڀڳت ڪنور رام کي تاڙ ۾ ويٺل ھٿياربندن بندوق جا فائر ڪري شهيد ڪيو، سنت جي شهادت بعد مشهور ريلوي اسٽيشن مڪمل طور ويران ٿي وئي، جيڪا ھن وقت زبون حالي جو شڪار آهي، ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت پاران مختلف وقتن تي رڪ ريلوي اسٽيشن تي ڀڳت ڪنور رام جي نالي سان يادگار ٺھرائڻ ۽ ڪاليج قائم ڪرڻ جا اعلان ڪيا ويا پر ھن وقت تائين ان اعلانن تي عمل ناهي ٿي سگهيو، سکر، شڪارپور، ۽ سميت مختلف علائقن جي ھندو برادري توڙي ساڃاهه وندن پاران ھڪ يادگار تعمير ڪيو ويو، جتي ھر سال پھرين نومبر تي صوفياڻي محفل ڪئي ويندي آهي ۽ يادگار تي ڏيئا ٻاري شهيد ڀڳت ڪنور رام کي ڀيٽا پيش ڪئي ويندي آهي

انگريزن رڪ اسٽيشن جهڙيون 30 اسٽيشنون تعمير ڪرايون

سکر: سنڌ جي تاريخ سان گھري دلچسپي رکندڙ ۽ ورهين کان رُڪ ريلوي اسٽيشن تي ڀڳت ڪنور رام جي ورسي جا پروگرام ڪرائيندڙ ناليواري اديبن ۽ شاعرن استاد راهي سومرو، گوھر سنڌي، آزاد بخاري، حاڪم مهر ٻڌايو ته جڳ مشهور ڪتاب ايمپائرس آف انڊس، سنڌوءَ جون سلطنتون جي ليکڪا ۽ مشهور برطانوي صحافڻ ايلائس البينيان 2007ع ۾ رُڪ ريلوي اسٽيشن جي دوري دوران ملاقات ۾ ٻڌايو ته ان وقت جي برطانوي سرڪار جو ھي اسٽيشن جو پسنديدھ نقشو ھيو ۽ ھن ئي نقشي جي طرز تي برطانوي سرڪار برطانيا سميت پوري برصغير ۾ 30 اسٽيشنون تعمير ڪرايون ھيون، جنھن مان رُڪ ريلوي اسٽيشن کان سواءِ باقي سڀ آباد آهن ۽ صرف رُڪ اسٽيشن ئي تباھ حاليءَ جو شڪار آهي

زمين ڏيڻ جي آڇ باوجود سرڪار ڪاليج تعمير نه ڪرايو

سکر: 2016ع ۾رُڪ ريلوي اسٽيشن تي ان وقت جي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور سڪندر علي خشڪ اعلان ڪيو ھو ته جيڪڏھن اسان کي ھتي ڪو ماڻهو زمين ڏئي ته اسان ڀڳت ڪنور رام جي نالي سان ڪاليج ٺھرايون، جنھن تي اتي موجود صوفي راڳي محمد يونس چنو چيو ته ريلوي اسٽيشن سان لڳ منهنجي زرعي زمين آھي، جنھن مان ھڪ جريب مان توهان کي ڪاليج لاءِ ڏيان ٿو، جنهن تي اڃا تائين عمل ناهي ٿي سگهيو