ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) شهرين جِي گمشدگي سنگين معاملو آهي، اڪثر جي آءِ ٽيز رپورٽس تي صحيح ٿيل ناهي هوندي، اوهان کي سينيئر آفيسر جِي حيثيت سان معاملي کي ڏسڻ گهرجي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ شهرين جي گمشدگي بابت ڪيس ۾ جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو جو آءِ جي سنڌ مشتاق مهر سان مڪالمو، آءِ جي سنڌ عدالت کي خاطري ڪرائي ته مان آفيسرن کي چئي ٿو ڇڏيان، ڪو ٻيو ادارو ڀلي صحيح نه ڪري، هو پاڻ صحيح ڪري ڇڏين، عدالت جي آءِ ٽيز ۽ پي ٽي ايف جو هر مهيني اجلاس سڏائڻ جو حڪم ڏيندي رينجرز اختيارين کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.