ميرپوربٺورو (ن پ ا)پنھجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز اعلانيل ايڪتا ڏھاڙو، “انتھا پسندي کان آجي سنڌ” ميرپوربٺوري جي شھرين سياسي، سماجي تنظمين طرفان ڀرپور نموني سان پھرين ڊسمبر تي ملھائڻ جو اعلان، پنھجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي رپورٽر سان شھري اتحاد جي اڳواڻ ڏاڏا اسماعيل شورو، محمد علي خواجه، عوامي تحريڪ جي اڳواڻ ساگر مجيد پرھياڙ، قومي پارٽي جي وقار ميراڻي، جسقم جي الطاف چانگ قومي عوامي تحريڪ جي يوسف ڪنڀار ڳالھائيندي چيو آھي ته سنڌ روادار صوفين، بزرگن جي ڌرتي رھي آھي جتي پيار امن محبت جي پرچار ٿئي ٿي، سنڌ مذھبي انتھاپسندي کي ڪڏھن به ناھي قبوليو، سنڌ مختلف وقتن تي مذھبي انتھا پسندي جي عتاب ھيٺ آئي آھي پر سنڌ جي شعور انتھاپسندن کي ھميشه مات ڏني آھي، سنڌ اندر امن امان جي صورتحال تڏھن ئي بھتر رھي سگھندي جڏھن سنڌ انتھاپسندي جھڙي مرض کان مڪمل آجي ھوندي، ميرپوربٺورو جي سياسي، سماجي اڳواڻن وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته پنھنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز پاران پھرين ڊسمبر تي انتھاپسندي کان آجي سنڌ جي سري ھيٺ ملھايو ويندڙ ڏھاڙي جي ڀرپور حمايت ڪريون ٿا ۽ منعقد ٿيندڙ ايڪتا ڏھاڙي ۾ پڻ ڀرپور شرڪت ڪئي ويندي، انتھاپسندي کان نجات تڏھن ئي ممڪن آھي جڏھن شعور رکندڙ ھر فرد انتھاپسندي جي خلاف جدوجھد جو حصو ٿي بيھندو، سنڌ ڌرتي انتھاپسندي کي ڪنھن به صورت ۾ قبول نه ڪندي.