ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنهور چيو آهي ته پوليس ۾ ايتري همت ناهي جو اها وڏي گاڏي کي روڪي، پوليس رڳو غريب ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار رهندي آهي، سنڌ جي سردارن سبب ڌاڙيل آزاد گهمي رهيا آهن، ڇا اڄ تائين ڪنهن هڪ سردار خلاف به ڪيس داخل ڪيو ويو آهي يا ڪارروائي ٿي آهي؟ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي وڪيلن جي ڪيسن بابت درخواستن جي ٻڌڻي دوران هن وڌيڪ چيو ته هڪ سپاهي روڊ تي ڪيميرا لڳائي بيهي رهي ته وڏي ماڻهو يا سياستدان کي رڪجڻو پوندو، جيڪڏهن ڪير پوليس سان بدتميزي ڪندو ته انهي جي وڊيو به وائرل ٿي ويندي، ان خلاف ڪارروائي به ٿيندي، هتي پوليس کي ايترو ڪمزور ڪيو ويو آهي جو انهن ۾ وڏن ماڻهن کي روڪڻ يا ڪارروائي ڪرڻ جي همت ناهي، هن چيو ته ڪراچي جون حالتون خطرناڪ ٿي چڪيون آهن, جيڪڏهن عام شهري کي ڪراچي ڇڏڻ جو موقعو ملي ته هتي ڪو به نه رهندو، ٻڌڻي دوران آءِ جي سنڌ طرفان اي آءِ جي ڪراچي عدالت ۾ پيش ٿي وڪيلن جي ڪيسن بابت رپورٽ جمع ڪرائي، رپورٽ موجب وڪيلن 581 ڪيس داخل ڪرايا آهن، جن مان 14 ڪيس پوليس، 14 ڪيس پنهنجن ڪلائنٽس (اصيلن) ۽ باقي ڪيس ٻين ماڻهن خلاف داخل ڪرايا ويا آهن، هن چيو ته ڪيترا ڪيس چالان ٿي چڪا آهن, ڪجهه ڪيسن کي اي ڪلاس ڪيو ويو آهي، ڪجهه ڪيسن ۾ ڌرين ۾ڪمپرومائيز ٿي ويو آهي, جنهن تي جسٽس صلاح الدين پنهور ريمارڪس ۾ چيو ته وڪيل قانوني ڪارروائي لاءِ ٿاڻي وڃي 600 ڪيس به داخل ڪرائي چڪا آهن, پوليس ڇا پئي ڪري؟ اها قتل جو ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ به تيار نه هوندي آهي، وڪيلن سان ايترو ظلم ۽ زيادتيون ٿي رهيون آهن، جوڊيشل نوٽيس جو حق ٺهي ٿو، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ڌرين کان نيون رپورٽون طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي