بخشاپور: ڏياري تقريب تان واپس ايندڙ ڪٽنب يرغمال، ڦرلٽ، طبلي نواز نوجوان اغوا

0
28
بخشاپور: ڏياري تقريب تان واپس ايندڙ ڪٽنب يرغمال، ڦرلٽ، طبلي نواز نوجوان اغوا
بخشاپور: ڏياري تقريب تان واپس ايندڙ ڪٽنب يرغمال، ڦرلٽ، طبلي نواز نوجوان اغوا

بخشاپور (رپورٽ: مڪيش ڪڙيوال) بخشاپور پوليس ٿاڻي جي حد ڪشمور_ ڪنڌڪوٽ انڊس هاءِ وي تي موٽرسائيڪل تي سوار هٿياربندن ڏينهن ڏٺي جو مسافر ڪوچ ۽ وين مٿان فائرنگ ڪري مسافرن کي يرغمال بڻائڻ بعد ڦرلُٽ ڪرڻ بعد صالح پٽ واسي ڪيرتني نوجوان وڪرم لال پُٽ ڌنو مل کي ڪلٽس ڪار مان لاهي والد ۽ ٻن معصوم ڀيڻن جي سامهون تشدد ڪندا اغوا ڪري ڪچي طرف فرار ٿي ويا، جڏهن ته اغوا واقعي بعد ڪار ۾ سوار وارثن ۾ ڪيهاٽ پئي ويا، اطلاع تي پوليس ۽ هندو برادري جا ماڻهون وڏي تعداد ۾ واقعي واري هنڌ پهچي مغوي نوجوان جي والد ۽ ڀيڻن کي ڪنڌڪوٽ کڻائي ويا، جڏهن ته بڊاڻي واسي استاد مولچند پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته بڊاڻي جي گردوارهه مندر ۾ ڏياري جي حوالي سان ميلي جو پروگرام رکيل هو، جتي صالح پٽ کان واسطو رکندڙ ڪيترني ٽولي وڪرم لال،نڪيتا،انمول سميت پنج ڄڻا آيل هيا، جيڪي واپس وڃي رهيا هيا ته راڻو اسٽاپ وٽ هٿياربندن هٿيارن جي زور تي تبلو وڄائيندڙ وڪرم لال کي اغوا ڪري کڻي ويا، هن چيو ته ڪنڌڪوٽ وياسين جتي ايس ايس پي صاحب ڪون مليو  بخشاپور ٿاڻي پهچي رينجرز جي ڪرنل ۽ اي ايس پي سان ملاقات ڪنداسين، مولچند وڌيڪ ٻڌايو ته مغوي نوجوان وڪرم لال جي والد ڌنو مل جي فرياد تي رپورٽ درج ڪرائي آهي

هتي ڪير به محفوظ ناهي، ڀاءُ بازياب ڪرايو: نڪيتا/انمول

بخشاپور: مغوي ڪيرتني نوجوان وڪرم لال جي معصوم ڀيڻن نڪيتا ڪماري ۽ انمول ڪماري ڳوڙھاري هاريندي ۽ دانهون ڪندي چيو ته اسين صالح پٽ کان گردواري ڪيرتن ڪرڻ آيا هياسين، اسان کي  حالتن جي باري ۾ مڪمل ڄاڻ هئي، هنن چيو ته بڊاڻي  واسين پروگرام مڪمل ٿيڻ بعد واپس وڃڻ کان روڪيو ته اوهان صبح جو وڃجو، هنن چيو ته اسين رات بڊاڻي ۾ ترسي صبح جو ناشتو ڪري روانا ٿيا سين ته اٺ وڳي انڊس هاءِ وي راڻو اسٽاپ وٽ اٺ هٿياربندن ڪار بيهاري شيشو کڙڪايو ۽ هٿيار ڏيکاري بابا کي هيٽ لهي اچڻ جو چيو، هنن چيو ته اسين هٿياربندن کي خدا ۽ ڀڳوان جا واسطا ڏناسين اسان وٽ جيڪا به رقم يا قيمتي سامان آهي اهي سڀ کڻي وڃو اسان کي جاني نقصان نه پهچايو، هنن چيو ته ڏوهارين ڪار ڊرائيور کي ڪار مان لاهي چماٽون هڻڻ بعد چاٻي کسي ورتي، هٿياربندن کي منٿ ميڙ گرو جا واسطا ڏيڻ بعد به ڌاڙيلن اسان سان گڏ ويٺل منهنجي ڀاءُ وڪرم لال کي جڪو ڪيرتن ۾ تبلو وڄائڻ لاءِ  گڏ آيو هو، انهي کي تشدد ڪندا کڻي آساني سان فرار ٿي ويا

چون ٿا ته ڌرتي ڇڏي وڃو: وارثن جون ڊي آءِ جي آڏو دانهون

ڪنڌڪوٽ: اسان کي چيو پيو وڃي ته هاڻي هي ڌرتي ڇڏڻي پوندي، بخشاپور ڀرسان اغوا ٿيل نوجوان وڪرم لال جي وارثن جون ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو آڏو دانهون، مغوي وِڪرم جي ڀيڻ نِڪيتا چيو ته هٿياربندن کي منٿون ڪيون پر هُنن هڪ به نه ٻڌي ۽ ڀاءُ کي اغوا ڪري ويا، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب پٺاڻ خاطري ڪرائي ته وڪرم کي جلد بازياب ڪرايو ويندو، ڪچي ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن جاري آهي، ساڻن ڪابه رعايت نه ڪئي ويندي، ٽائيم نيوز سان ڳالهه ٻولهه دوران ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو چيو ته ڌاڙيلن سان ڪي به ڳالهيون نه ڪيون وينديون، ڏوهارين جي مڪمل خاتمي تائين سُک سان نه ويهنداسين، ملاقات دوران هندو برادري ۽ شهرين پاران ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ امن بحال ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي

ڀاءُ جي اغوا بعد ڀينرون روئي بيحال: کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏنو

ڪنڌڪوٽ:ھٿياربندن ھٿان يرغمال ٿيڻ بعد گردواهه صاحب ڪنڌڪوٽ ۾ پھتل ڪيرتن ڪندڙ نياڻيون خوف م روئي روئي بيحال ٿي ويون، نياڻين کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏنو،  صدمي سبب نياڻي نڪيتا ڪماري کي بخار اچي ويو آهي

هٿياربندن انڊس هاءِ وي تي پهريان گاڏين کي روڪي سرعام ڦرلٽ ڪئي

بخشاپور: مقامي ذريعن جو چوڻ هو ته ٻن ٽولن ۾ موٽرسائيڪلن تي پندرهن هٿياربند ڏوهارين انڊس هاءِ وي تي ڪاهه ڪري ڇڻڪو ڦاٽڪ اسٽاپ کان راڻو اسٽاپ تائين مختلف جڳهن تي مسافر گاڏين کان ڦُرلٽ ڪرڻ بعد ڪار مان هندو نوجوان کي لاهي اغوا ڪري فرار ٿي ويا، انڊس هاءِ وي مٿان قائم پوليس پڪٽ ۽ ڪچي طرف ويندڙ رستن تي پوليس نفري مقرر نه هجڻ سبب ڏوهاري ٽولا بغير ڪنهن خوف جي وارداتون ڪري وڃن ٿا

واقعي بعد سوشل ميڊيا تي بحث، سرڪار، پوليس ۽ چونڊيل نمائندن تي تنقيد

بخشاپور: هندو برادري سان پيش ايندڙ اغوا واقعي انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن مٿان سوال اٿاري ڇڏيا آهن، سوشل ميڊيا تي به واقعي بابت بحث شروع ٿي ويو آهي، ماڻهن طرفان سنڌ حڪومت، سنڌ پوليس ۽ چونڊيل نمائند کي سخت تنقيد جو  نشانو بڻايو پيو وڃي

اغوا ۽ ڦرلٽ واقعي بعد متاثرن جو انڊس هاءِ وي تي 2 ڪلاڪ ڌرڻو

ڪنڌڪوٽ: واقعي بعد مسافرن ۽ مقامي ماڻھن انڊس ھاءِ وي تي ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، روڊ بلاڪ ھجڻ ڪري سنڌ کان ٻين صوبن ڏي ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي، اي ايس پي ڌرڻي واري ھنڌ پھچي ڏوھارين خلاف ڪارروائي ۽ نوجوان وڪرم ڪمار کي جلد بازياب ڪرائڻ جو يقين ڏياري ٻن ڪلاڪن بعد ڌرڻو ختم ڪرايو