بدين (رپورٽر) بدين شھر ۽ سميت ساحلي علائقن ۾ برسات جو زور دار سلسلو جاري رهيو، بدين شهر جي شاھه لطيف روڊ، ڪينٽ روڊ، قائداعظم روڊ، گولاڙچي روڊ، مهراڻ چوڪ روڊ، آرمي شگر مل روڊ، سول اسپتال روڊ ۽ ريلوي اسٽيشن روڊ پاڻي هيٺ اچي ويا، غريب آباد، شهباز ڪالوني، آبپاشي ڪالوني، قائد آباد، سنگهاڻي محلو ۽ علي ٽائون سميت 14 وارڊن جي گهٽين ۾ برساتي پاڻي بيهجي ويو
برساتن سبب گورنمينٽ هاءِ اسڪول بدين، لاڙ ڪيمپس بدين، اقرا هاءِ اسڪول بدين، اسلاميه ڪاليج بدين ۽ گرلس ڪاليج بدين پاڻي هيٺ آهن، خانگي اسڪولن پاران ٽن ڏينهن لاءِ موڪلن جو اعلان ڪيو ويو، ٻئي طرف مختيارڪار آفيس، پبلڪ هيلٿ آفيس، ايڪسائيز ڪالوني، فشريز آفيس ۾ پڻ برساتي پاڻي داخل ٿي ويو
جڏهن ته بدين سٽي فيڊر ٽو جي بجلي ٽن ڏينهن کان بند پيل آهي، ھوڏانھن فوڪل پرسن رين ايمرجنسي صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاھه دربار هال بدين ۾ اجلاس جي صدارت ڪئي، صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاھ چيو ته بدين شهر سميت ضلعي جي سمورن شھرن مان پاڻي جي نيڪالي جو ڪم تيز ڪيو وڃي
اسپتالن ۽ ريسڪيو جي عملي کي فعال ڪيو وڃي، سمورا ادارا 24 ڪلاڪ ايمرجنسي ڊيوٽي تي موجود رهن، غفلت جي صورت ۾ ڪنهن کي بخش نه ڪيو ويندو، اجلاس ۾ ڊپٽي ڪمشنر بدين ضلعي چيئرمين بدين پبلڪ هيلٿ صحت ايريگيشن روينيو حيسڪو لائيو اسٽاڪ ڊينج کاتي جا ڪامورا موجود هئا