وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز تي حملو، 4 جوان شهيد، جوابي ڪارروائي ۾ 5 خارجي دهشتگرد مارجي ويا

0
23
وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز تي حملو، 4 جوان شهيد، جوابي ڪارروائي ۾ 5 خارجي دهشتگرد مارجي ويا
وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز تي حملو، 4 جوان شهيد، جوابي ڪارروائي ۾ 5 خارجي دهشتگرد مارجي ويا

وانا (م ڊ) ڏکڻ وزيرستان جي علائقي ڪراما ۾ سيڪيورٽي فورسز مٿان دهشتگردن حملو ڪري ڏنو، ان دوران ڌرين ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ شروع ٿي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ پاڪ فوج جا 4 اهلڪار شهيد ٿي ويا، جڏهن ته مقابلي دوران 5 خوارجي دهشتگرد به مارجي ويا. آءِ ايس پي ار طرفان جاري ڪيل بيان موجب پاڪ فوج جي موثر جوابي ڪارروائي سان 5 خوارج مارجي ويا. شديد فائرنگ جي ڏي وٺ دوران پاڪ فوج جا 4 جوان نائب صوبيدار طيب شاهه، لانس نائيڪ گلاب زمان، لانس نائيڪ مزمل محمود ۽ لانس نائيڪ حبيب الله بهادري سان وڙهندي شهادت ماڻي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته علائقي ۾ وڌيڪ خوارج جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي، آءِ ايس پي آر جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان جي سڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي ناسور کي پاڙان پٽڻ لاءِ پرعزم آهي، اسان جي بهادر جوانن پاران ڏنل قربانيون عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون. ذريعن موجب سيڪيورٽي فورسز فوري طور تي علائقي کي گهيري ۾ وٺي سرچ آپريشن شروع ڪري ڏنو.