ويڪفيلڊ (م ڊ) جمعيت علماءَ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ فوج کي اڻ ڳڻيا اختيار ڏنا ويا پر دهشتگردي ختم ناهي ٿي. عمران خان جي في الحال آزادي ممڪن ناهي، پر ملڪي سياست ۾ ڪنهن به وقت وڏي تبديلي اچي سگهي ٿي، ويڪلفيلڊ ۾ تقريب کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته پاڪستان جي بقا اسلامي نظام ۾ آهي، پاڪستان ۾ انساني حقن جي تحفظ ۽ معيشت جي بهتري لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. سندس چوڻ هو ته ڇويهين آئيني ترميم ۾ وياج واري نظام جي خاتمي کي آئين جو حصو بڻايو ويو آهي، 2028ع کان سمورن کاتن کي وياج کان پاڪ ڪيو ويندو. هن چيو ته آئين اسان سڀني جو آهي، ان جو احترام ڪرڻو پوندو، جهموريت جي بقا ۽ اسلامي نظام لاءِ سڄي ملڪ ۾ تحريڪ جاري رکنداسين. مولانا فضل الرحمان چيو ته پاڪستان جي امن لاءِ اسان کي متحد ٿيڻو پوندو، دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ ۾ ترميم ڪرڻ 26 هين آئيني ترميم ۽ جهموريت جي توهين آهي، ڪنهن کي شڪ جي بنياد تي 90 ڏينهن تحويل ۾ رکڻ بنيادي انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي. سندس چوڻ هوته اسان محفوظ پاڪستان لاءِ مضبوط فوج جا قائل آهيون، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ 2010ع کان فوج کي بيشمار اختيار ڏنا ويا پر دهشتگردي ختم نه ٿي. والاريل ڪشمير جي صورتحال تي ڳالهائيندي جي يو آءِ سربراهه چيو ته ڪشميرين کي پنهنجي آزادي جي جنگ پاڻ وڙهڻي پوندي.