حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد زراعت کاتي جي اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل امداد ميمڻ سميت 3 ارب 20 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻايل 7 ٺيڪيدارن جي ضمانت رد ڪري ڇڏي
نيب پاران ضمانت رد ٿيڻ کانپوءِ ڪورٽ ٻاهران عملدارن گهيرو ڪري کين گرفتار ڪري ورتو. جسٽس امجد علي سهتو ۽ جسٽس خادم حسين سومرو تي مشتمل ڊويزنل بئنچ ٻڌڻي دوران اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل ايگريڪلچر امداد ميمڻ ۽ 6 عملدارن توڙي ٺيڪيدارن جي ضمانت رد ٿيڻ سبب امداد ميمڻ سميت 5 جوابدارن کي ڪورٽ ٻاهران گرفتار ڪري ورتو آهي
ٻڌڻي دوران ڊي جي نيب جاويد اڪبر رياض عدالت کي ٻڌايو ته 2009ع ۾ ايگريڪلچرل جي اڳوڻي ڊي جي پاران پرائيويٽ فرضي ٺيڪيدارن جي نالن سان ڪمپنين ذريعي 3 ارب 20 ڪروڙ کان مٿي ڪرپشن ڪئي آهي جنهن جي جاچ مڪمل آھي جنهن تي عدالت جوابدارن کان پڇاڻو ڪيو ته اوھان سچ ٻڌايو ته اوھان جو ڇا رول ھو جنهن تي اڳوڻو ڊي جي ايگريڪلچرل امداد ميمڻ عدالت کي مطمئين نه ڪري سگھيو
عدالت ٻڌڻي دوران اڳوڻي ڊي جي ايگريڪلچرل امداد ميمڻ، قادر بخش، محمد اقبال، گل محمد، شفيع محمد، محمد نظر ڀٽو ۽ انوپ ڪمار جي ضمانت رد ڪري ڇڏي
نيب عملدارن سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۽ سيشن ڪورٽ ٻاھران ڪڙو چاڙهي 3 جوابدار امداد ميمڻ، انوپ ڪمار، محمد اقبال، شفيع محمد ۽ محمد نظر ڀٽو کي ڊي جي نيب جي اڳواڻي ۾ سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي مک گيٽ وٽان گرفتار ڪري ورتو آهي