اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ 5 ڏينهن واريون ڳالهيون ختم ٿي ويون، ذريعن موجب آءِ ايم ايف حڪومت کان سمورن شعبن جي ڪارڪردگي جا تفصيل حاصل ڪيا، حڪومت خاطري ڪرائي ته پهرين چار مهينن ۾ ٽيڪس وصولين جي مد ۾ ٿيندڙ شارٽ فال کي ايندڙ مهينن ۾ پورو ڪيو ويندو، آءِ ايم ايف ڊيٽا جو جائزو وٺي جواب ڏيندو، جيڪا مارچ ۾ جائزي جي وقت يا ان کان اڳ ڏنو ويندو، رپورٽ موجب وفد کي صوبائي سرپلس بجيٽ تي قائل ڪيو ويو، زرعي ٽيڪس تي جزوي ڪاميابي ملي، ڳالهين ۾ جنوري ۾ سمورن صوبن کي زرعي ٽيڪس وصول ڪرڻ جو پابند بڻايو ويو آهي ۽ صوبائي مالياتي معاهدن تي عمل لاءِ صلاحڪارن جون خدمتون وٺڻ تي به اتفاق ڪيو ويو آهي. هلندڙ مال سال لاءِ ٽيڪس وصولين جو 12 هزار 970 ارب جو هدف پورو ڪرڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ تي زور ڏنو ويو، آءِ ايم ايف مشن کي صوبائي بجٽ سرپلس جي نظرثاني ٿيل انگ اکرن کان آگاهه ڪيو ويو، ذريعن موجب آءِ ايم ايف زرعي ٽيڪس بابت کنيل قدمن جو جائزو ورتو، وفد کي ٻڌايو ويو ته هن وقت ملڪ ۾ زرعي ٽيڪس 8 ارب جون وصوليون ٿي رهيون آهن، پاڪستان ۾ زرعي ٽيڪس جي 2300 ارب جي سالياني صلاحيت آهي ۽ زرعي ٽيڪس شروعاتي طور 1050 ارب وصولين جو ڪاٿو آهي، آءِ ايم ايف ۽ صوبن ۾ لائيو اسٽاڪ تي ٽيڪس بابت به ڳالهيون ٿيون. ناڻي وزير، صوبائي حڪومتن ۽ ايف بي آر سان آءِ ايم ايف جو اجلاس ٿيو، حڪومت پرڏيهي فناسنگ جي به خاطري ڪرائي،