اسلام آباد(رپورٽ: ايم بي سومرو) زرعي ترقياتي بينڪ مان ملازمن جي صوبائي ڪوٽا سوڌو، معذورن، عورتن ۽ اقليتن جي ڪوٽا سسٽم ختم ڪري نج ميرٽ جي بنيادن تي ڀرتيون ڪرڻ جو نظام ۽ پاليسي لاڳو ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آھي
ناڻي وزير محمد اورنگزيب پاران سينيٽ سيڪريٽريٽ ۾ لکت ۾ جواب جمع ڪرايو آهي، سينيٽر عبدالشڪور خان جي گذريل ڏهن سالن دوران زرعي ترقياتي بينڪ ۾ ڪيل ڀرتين جا صوبائي ڊوميسائيلن موجب تفصيل فراهم ڪرڻ واري سوال جي جواب ۾ ناڻي وزير محمد اورنگزيب چيو آھي ته زرعي ترقياتي بينڪ پبلڪ لميٽيڊ ڪمپني آھي جيڪا ڪمپنيز آرڊيننس 1984 تحت قائم ڪئي وئي آھي ۽ وفاقي حڪومت پاران جوڙيل آزاد بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي زير انتظام آھي
بورڊ آف ڊائريڪٽرز کي قانون تحت ملازمن جي پاليسين جو تعين ڪرڻ، ملازمن جي لاءِ معاوضي ، مراعتن جو تعين ڪرڻ لاءِ مڪمل طور بااختيار بنايو ويو آھي. بورڊ آف ڊائريڪٽرز پاران منظور ڪيل بينڪ ۾ ڀرتين ۽ سليڪشن پاليسي ۾ بينڪ پاران عملدرآمد ڪرڻ لاءِ علائقائي، صوبائي، معذورن ، اقليتن، عورتن جي ڪوٽا واري ڪا به پاليسي لاڳو ٿيل نه آهي
منظور پاليسي تحت زرعي ترقياتي بينڪ ۾ تمام ڀرتيون خالص ميرٽ جي بنيادن تي ڪيون پيون وڃن ۽ ڀرتين لاءِ منظور پاليسي ۾ ڪنهن ڪوٽا جو ڪو بندوبست نه آھي
ناڻي وزير جي لکت ۾ جمع ڪرايل جواب ۾ ٻڌايو ويو آھي ته زرعي ترقياتي بينڪ ۾ 3822 ملازمن مان 63 سيڪڙو ملازمن جو تعلق پنجاب صوبي سان آھي جن جو تعداد 2395 آھي، سنڌ شهري مان 206 سنڌ ٻهراڙي مان 434 ، ڪي پي ڪي مان 375 ، بلوچستان مان 170 ، جي بي مان 76 ، آزاد ڪشمير مان 55 ملازم ڪم ڪري رهيا آھن