سن ويجهو لاکا شهر جي سومرا ۽ ڪلهوڙا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ 11 سال پراڻي خوني تڪرار جو نبيرو، جوابدار ڌر تي هڪ ڪروڙ 20 لک روپيا ڏنڊ وڌو ويو
لاکا شهر ۾ 2013 ۾ ٻنهي ڌرين ۾ جهيڙي دوران سومرا برادري جا 2 ڄڻا مارجي ويا هئا
تڪرار جو نبيرو لاکا شهر ۾ سردار سجاد سومرو، معظم عباسي ۽ رئيس نياز محمد کوسو جي سرپينچي ۾ ڪيو ويو
جوابدار ڌر پاران ڏنڊ ادا ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪرڻ بعد ڌرين کي ڀاڪر پارائي کير کنڊ ڪيو ويو